settings icon
share icon
سوال

ڇا نجات صرف ايمان ذريعي آهي، يا ايمان سان گڏ اعمال سان به؟

جواب


هي شايد مسيحي مذهب جو سڀ کان اهم سوال آهي. هن سوال جي اصلاح عمل جي وجه هي آهي ته پروٽسٽنٽ ڪليسيا ۽ ڪيٿولڪ ڪليسيا وچ ۾ فرق آهي. هي سوال هڪ بنيادي فرق آهي ڪلامِ مقدس جي مطابق مسيحيت جي وچ ۽ گهڻو ڪري ”مسيحي“ بدعتي مسلڪن جي وچ ۾. ڇا نجات صرف ايمان جي ذريعي آهي، يا ايمان سان گڏ عمل به؟ ڇا آئون صرف يسوع تي ايمان آڻڻ سان نجات پائي سگهان ٿو، يا ڇا آئون يسوع تي ايمان رکان ۽ سٺا ڪم پڻ ڪريان؟

سوال صرف ايمان يا ايمان سان گڏ عمل انهيءَ وقت مشڪل ٿي وڃي ٿو جڏهن ان کي ڪلامِ مقدس سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. موازنه ڪريو. روميون3باب28آيت، 5باب 1آيت ۽ گلتيون 3باب 24آيت سان گڏ يعقوب 2باب24آيت. ڪجهه فرق آهي جيئن پولوس (نجات صرف ايمان سان آهي) ۽ يعقوب (نجات ايمان ۽ عمل سان آهي). حقيقت ۾، پولوس ۽ يعقوب مڪمل طور تي هڪ هڪ ٻئي سان نامتفق ناهن. صرف هڪ نقطو آهي نااتفاقي جو جنهن کي ڪجهه ماڻهو ايمان ۽ عمل سان هن تعلق جي وچ ۾ فرق کي وڌائي ڪري بيان ڪندا آهن. پولس پنهنجي رائي ۾ صرف ايمان ئي کي واجب مڃي ٿو (افسيون 2باب 8تا9آيت). جڏهن ته يعقوب ايمان سان گڏ عمل جي حمايت ڪندو نظر اچي ٿو. هن واضح مسئلي جو حل انهيءَ جي پڙتال ڪرڻ سان ملي ٿو ته حقيقت ۾ يعقوب ڪنهن جي باري ۾ ڳالهه ڪري رهيو آهي. يعقوب هن نظريي کي ڪوڙو ثابت ڪري رهيو آهي ته جيڪو شخص ايمان ته رکندو آهي ليڪن هن ۾ ڪجهه چڱا ڪم ناهن (يعقوب 2باب 17تا18آيت). يعقوب هن نقطي تي زور ڏيئي رهيو آهي ته مسيح تي اصل ايمان سٺن اعمالن کي پيدا ڪري ٿو (يعقوب 2باب 20تا26آيت). يعقوب هيءُ نه چئي رهيو آهي ته ايمان جي ذريعي عمل جو جواز پيش ڪيو وڃي، ليڪن انهيءَ جي برعڪس اهو شخص حقيقت ۾ سچو آهي جيڪو ايمان جي ذريعي پنهنجيزندگي ۾ سٺا اعمال ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪو شخص ايماندار هجڻ جي دعوى ڪري ٿو، ليڪن هن جي زندگي ۾ سٺا اعمال ناهن ته پوءِ هو شايد مسيح تي حقيقي ايمان نٿو رکي (يعقوب 2باب 14آيت، 17آيت، 20آيت، 26 آيت).

پولوس به ائين ئي پنهنجين تحريرن ۾ چوي ٿو. سٺو ۽ چڱو ايماندار پنهنجيون زندگيون انهيءَ فهرست مطابق گذارن جيئن گلتيون 5باب 22تا23آيت. فوراً ٻڌائڻ کان پوءِ ته ايمان جي ذريعي نجات پائين ٿا، عمل سان نه (افسيون 2باب 8تا9آيت)، پولوس اسان کي خبردار ڪري ٿو ته اسين سٺا عمل ڪرڻ جي لاءِ پيدا ڪيا ويا هئاسين (افسيون 2باب 10آيت). پولوس اميد رکي ٿو ته وڌيڪ تبديل ٿيل زندگي جي، جيئن يعقوب يو، ”انهيءَ لاءِ جيڪڏهن ڪوئي مسيح مان آهي، ته هو نئين مخلوق آهي. پراڻيون شيون وينديون رهيون. ڏسو، هو نيون ٿي ويون.“ (2. ڪرنٿيون 5باب17) يعقوب ۽ پولوس ناجت جي لاءِ هڪ ٻئي سان نامتفق نه آهن. هو ٻئي هڪ ئي نقطو رکن ٿا مختلف تناظر ۾. پولس سادگي تي زور ڏي ٿو ته صرف ايمان جي ذريعي جڏهن ته يعقوب زور ڏي ٿو ته مسيح تي ايمان سٺا اعمال پيدا ڪري ٿو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڇا نجات صرف ايمان ذريعي آهي، يا ايمان سان گڏ اعمال سان به؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries