ڇا خدا آهي؟ ڇا خدا جي هجڻ جو ڪو ثبوت آهي؟




سوال: ڇا خدا آهي؟ ڇا خدا جي هجڻ جو ڪو ثبوت آهي؟

جواب:
ڇا خدا آهي؟ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن بحث تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو وڃي ٿو. تازو تازو ٿيل هڪ جائزي موجب دنيا ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي خدا يا ڪنهن هستي جي وجود تي يقين رکن ٿا. تڏهن به خدا جي هجڻ جو ثبوت ڏيڻ جي ذميواري پڻ انهن جي ڪلهن تي رکي وڃي ٿي، جيڪي خدا جي هجڻ تي يقين رکن ٿا. منهنجي خيال ۾ انهيءَ جي ابتڙ ٿيڻ گهرجي. بهرحال، خدا جي وجود کي نه ئي ثابت ڪري سگهجي ۽ نه ئي سندس انڪار ڪري سگهجي ٿو.

پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي ته خدا کي ايمان جي وسيلي کي قبول ڪري سگهجي ٿو. ”ايمان کانسواءِ خدا کي پسند اچڻ ناممڪن آهي، ڇا لاءِ جو جيڪو خدا وٽ اچي ٿو، تنهن لاءِ اهو ايمان آڻڻ ضروري آهي ته خدا موجود آهي ۽ جيڪي کيس چاهه سان ڳولين ٿا تن کي اجر ڏي ٿو.“ (عبرانيون 11:6) جيڪڏهن خدا چاهي ها ته هو سڌو سنئون خدا جي سامهون پنهنجو وجود ثابت ڪري ڇڏي ها، پر جيڪڏهن ائين ٿيئي ها ته ايمان جي ڪا ضرورت نه پوي ها. ”عيسى چيس ته تو مون کي ڏٺو آهي، تنهن ڪري ايمان آندو اٿئي، پر سڳورا آهن اُهي جيڪي ڏسڻ جي سواءِ ئي ايمان ٿا آڻين.“ (يوحنا 20:29) بهرحال، ان جو اِهو هرگز مطلب نه آهي ته خدا جي هجڻ جو ڪو ثبوت نه آهي. پاڪ ڪلام فرمائي ٿو ته، ” آسمان خدا جو جلال ظاهر ٿا ڪن، ۽ فضا سندس هٿ جا ڪم پڌرا ٿي ڪري، ڏينهن ڏينهن سان ڳالهيون ٿو ڪري ۽ رات رات کي حڪمت ٿي سيکاري. نه ڪا ٻولي آهي نڪو ڪلام، نڪو انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. انهن جو سُر ساري زمين ۾ هليو ويو آهي، انهن جو ڪلام دنيا جي ڇيري تائين وڃي پهتو آهي. انهن ۾ هن مسيح جي لاءِ تنبو هنيو آهي.“ (زبور 19:1-4)

آسمان ۾ تارن جو ڏسجڻ، ڪائنات جي ڪشادگيءَ جي سمجهه، فطرت جي عجيب رنگن جو مشاهدو، سج جي ڪرڻن جي سونهن، اهي سڀ شيون هڪ پالڻهار ۽ خداءِ خالق ڏانهن اشارو ڪن ٿيون. جيڪڏهن اهي سڀ شهادتون به ناڪافي آهن ته اڃا هڪ ٻي شاهدي پڻ موجود آهي، جيڪا اسان جي دلين ۾ موجدو آهي.“ ۽ هن ابنديت انهن جي دل ۾ رکي آهي.“ (واعظ 3:11)

اسان جي شخصيت جي اندر هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا ٻڌائي ٿي ته هن دنيا جي ٺهڻ پٺيان ڪا شخصيت آهي ۽ هن زندگيءَ پٺيان ڪا شيءِ آهي. اسين پنهنجي عقلي دليلن سان ته انهيءَ ڳالهه کان انڪاري ٿي سگهون ٿا، پر اسان جي وجود مان ظاهر ٿيندڙ خدا جي موجودگيءَ جو انڪار نٿا ڪري سگهون. بائبل اسان کي خبردار ٿي ڪري ته اڃا به ڪي ماڻهو خدا جي هستيءَ جوا نڪار ڪن ٿا. ”احمق پنهنجي دل ۾ چيو آهي ته خدا آهي ئي ڪونه...“ (زبور 14:1)

دنيا ۾ رهندڙ مختلف تهذيبن، ثقافتن ۽ علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن مان 98 سيڪڙو اهڙا آهن جيڪي ڪنهن نه ڪنهن خدا، مالڪ يا ڀڳوان کي مڃين ٿا. هن يقين جي پٺيان ضرر ڪا قوت يا هستي آهي. پاڪ ڪتاب ۾ ڏنل دليلن سان گڏوگڏ، خدا جي موجودگيءَ جي باري ۾ ڪجهه منطقي/ عقلي دليل پڻ موجود آهن.

پهريون دليل تحليل نفسي/ ارتقا آهي. هي تحليل نفسي جو دليل بنيادي طور تي خدا جي وجود کي ٿابت ٿو ڪري. ”اهو دليل خدا جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته، اهو جيڪو عظيم آهي، جنهن کان وڏو ڪو به نه آهي.“ هن دليل موجب، هجڻ نه هجڻ کان وڏو آهي، تنهن ڪري وڏي سمجهي ويندڙ شخصيت جو هجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن خدا نه هجي ها ته کيس عظيم ترين نه ڀانيو وڃي ها پر اها ڳالهه خدا جي وصف جي برخلاف آهي.

ٻيو دليل آهي، فلسفه غايات يا فلسفهِ وجود. هن دليل موجب، هيءَ دنيا ايتري ته حيران ڪندڙ ڪاريگريءَ سان ٺهيل آهي، جو اهو سڀ ڪجهه ڏسي هڪدم الاهي ڪاريگر ۽ خالق جي موجودگيءَ جو يقين ٿي وڃي ٿو. مثال طور: جيڪڏهن ڌرتي سج کان ڪجهه سئو ميل ويجهو يا پري هجي ها ته ان ۾ هاڻي جيتري زندگي گذارڻ جي سگهه نه هجي ها. جيڪڏهن اسان جي آب و هوا ۾ موجود عنصر، ٿورو گهٽ يا وڌ هجن ها ته ڌرتيءَ تي موجود هر ساهواري شيءِ مري وڃي ها.

خدا جي موجودگيءَ جو ٽيون منطقي/ عقلي دليل آهي هيءَ ڪائنات. هر نتيجي پٺيان هڪ سبب آهي، هي ڪائنات ۽ هن ۾ رهندڙ هر شيءَ ڪنهن نه ڪنهن سبب جو نتيجو آهي. هر شيءِ هر ساهواري جي موجودگي ٻڌائي ٿي ته اهي ڪنهن سبب جي تحت وجود ۾ آيا آهن. هڪ اهڙي طاقت به آهي، جيڪا ڪنهن سبب يا نتيجي جي طور تي وجود ۾ نه آئي آهي، جنهن جي ڪري هيءَ دنيا ۽ هن ۾ رهندڙ هر شيءِ وجود ۾ آئي آهي. اها طاقت يا شخصيت خدا آهي.

چوٿون اخلاقي دليل آهي. هر تهذيب ۽ ثقافت ۾ ڪجهه اُصول ۽ قانون هوندا آهن. هر انسان کي صحيح ۽ غلط جي سڃاڻ آهي. قتل، چوري، ڪوڙ ۽ غير اخلاقي حرڪتن کي هر تهذيب ۽ هر مذهب رد ڪري ٿو. جيڪڏهن صحيح ۽ غلط جي سڃاڻ خدا جي طرفان نه آهي ته پوءِ اها سڃاڻ ڪٿان آئي؟

انهن سڀني ڳالهين جي باوجود، پاڪ ڪتاب لکي ٿو ته، ماڻهو خدا جي صاف ۽ سچي علم کي رد ڪندا ۽ ڪوڙ کي قبول ڪندا. ”انهن سچي خدا جي بدران ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ خدا جي خلقيل شين جي عزت ۽ عبادت ڪئي. پر انهيءَ خالق کي ڇڏي ڏنائون، جنهن جي واکاڻ هميشه ٿيندي رهي.“ آمين. (روميون 1:25)

پاڪ ڪتاب ان ڳالهه جي پڻ شاهدي ڏي ٿو ته ماڻهن وٽ خدا کي نه مڃڻ لاءِ ڪو به بهانو نه آهي.“ دنيا جي شروعات کان وٺي خدا جون ڏسڻ ۾ نه ايندڙ صفتون، يعني سندس دائمي قدرت ۽ ذات، سندس خلقيل شين مان ظاهر هور پيون ڏسجن، تنهن ڪري انهن کي ڪو به بهانو نه آهي.“ (روميون 1:20)

ماڻهو خدا تي يقين ڪو نه ٿا رکن، ڇاڪاڻ ته خدا جي موجودگيءَ جو ڪو سائنسي ثبوت نه آهي. حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن ماڻهو خدا تي ايمان آڻين ته هو اهو پڻ محسوس ڪندا ته هو خدا آڏو جوابدهه آهن ۽ کين معافي جي ضرورت آهي. (ڏسو روميون 2:23 ۽ 3:23). جيڪڏهن خدا آهي ته پوءِ اسين پنهنجن عملن لاءِ سندس ذميوار آهيون. جيڪڏهن خدا نه آهي ته پوءِ اسين بغير ڪنهن غم ۽ فر جي، جيڪو وڻي ڪري سگهون ٿا. ۽ پوءِ اسان کي سندس انصاف جون پڻ خوف نه ڪرڻ گهرجي. آءُ ڀانيان ٿو ته اهوئي سبب آهي جو اسان جي معاشري ۾ ماڻهن کي خدا جو متبادل ڏيڻ لاءِ ارتقا جو نظريو تمام گهڻو ڇانيل رهيو. خدا جو وجود آهي ۽ هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته هو موجود آهي. اصل حقيقت اها آهي ته خدا جي موجودگيءَ جو انڪار ئي اصل ۾ سندس وجود کي مڃڻ جو دليل آهي. مون کي اجازت ڏيو ته آءُ خدا جي موجودگيءَ جو آخري دليل پيش ڪريان. آءُ ڪيئن ڄاڻان ته خدا آهي؟ آءُ ڄاڻان ٿو ته خدا آهي ڇاڪاڻ ته آءُ هر روز ساڻس ڳالهائيندو آهيان. آءُ خدا جو ڳالهائڻ ته نه ٻڌندو آهيان پر سندس موجودگي محسوس ڪريان ٿو. آءُ هن جي رهنمائي محسوس ڪريان ٿو، سندس محبت جي باري ۾ ڄاڻان ٿو ۽ سندس فضل جي خواهش رکان ٿو. منهنجي حياتيءَ ۾ اهڙا ڪم ٿيا آهن جيڪي خدا کان علاوه ٻيو ڪو به نه ٿو ڪري سگهي. خدا مون کي معجزاتي طور تي بچايو آهي ۽ منهنجي زندگيءَ کي تبديل ڪيو اٿس، جيڪا آءُ پاڻ ڪڏهن به نه ڪري سگهيس. آءُ خدا جي هجڻ جو اقرار ڪرڻ ڪريان ٿو ۽ سندس موجودگيءَ جي واکاڻ ڪريان ٿو. مٿين دليلن مان ڪو به دليل انهن کي خدا جي موجودگيءَ لاءِ اتساهي نٿو سگهي، جيڪي سندس انڪار ڪن ٿا.

آخر ۾ اهو چوندس ته خدا جي موجودگيءَ کي ايمان جي ئي وسيلي قبول ڪري سگهجي ٿو. (عبرانيون 11:6) خدا تي ايمان آڻڻ اوندهه ۾ ٽپو ڏيڻ نه آهي، پر هڪ روشن ۽ محفوظ ڪمري ۾ قدم رکڻ آهي، جنهن ۾ دنيا جا 90 سيڪڙو ماڻهو اڳي ئي بيٺل آهن.



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس



ڇا خدا آهي؟ ڇا خدا جي هجڻ جو ڪو ثبوت آهي؟