settings icon
share icon
سوال

روميون ڪهڙي طرح نجات جو رستو آهي؟

جواب


روميون نجات جو هڪ اهڙو رستو آهي جنهن ۾ ڪلام مقدس جي ڪتاب روميون جي نالي جون آيتون استعمال ڪندي نجات جي خوشخبري ڏيئي ٿو. هي سادو ۽ هينئر تائين بيان ڪيو ويندڙ طاقتور طريقو آهي ته اسان کي نجات جي ضرورت ڇو آهي؟ خدا ڪئين نجات ڏيئي ٿو، ۽ اسان ڪهڙي طرح نجات وٺي سگھون ٿا ۽ نجات جا فائدا ڪهڙا آهن؟

پهرئين آيت روميون جي نجات جي رستي تي هي آهي روميون 3باب23 آيت، ”انهي جي لاءِ ته سڀني گناه ڪيو ۽ خدا جي قربت کان محروم ٿي ويا.“ اسان سڀني گناهه ڪيا. اسين سڀ اهڙا ڪم ڪندا آهيون جيڪي خدا کي ڏکوئينديون آهن. هتي ڪير به بي گناهه نه آهي. روميون 3 باب 10تا18 آيت هڪ واضح تصوير ڏيکاري ٿي ته گناهه اسان جي زندگين ۾ ڪيئن نظر ايندا آهن. ٻيو حوالو جيڪو روميون نجات جي رستي مان آهي، روميون 6باب 23 آيت، گناهه جي انجام جي باري تعليم ڏيئي ٿي ”ڇاڪاڻ ته گناهه مزدوري موت آهي؛ ليڪن خدا جي بخشش اسان جي خداوند مسيح يسوع جي هميشه جي زندگي آهي.“ سزا جيڪا اسين پنهنجي گناهن وسيلي ڪمايون ٿا اُها موت آهي. هيءُ صرف جسماني موت ناهي، بلڪه هميشه جي موت.

ٽئين آيت جيڪا روميون نجات جي رستي ۾ آهي روميون 6باب 3آيت مان ورتي وئي آهي، ختم ٿيئي ٿي، ”مگر خدا جي بخشش اسان جي خداوند مسيح يسوع جي زندگي آهي.“ روميون 5باب 8 آيت اعلان ڪري ٿي، ”ليڪن خدا پنهنجي محبت جي خوبي اسان تي هيئن ظاهر ڪري ٿو ته جڏهن گنهگهار هئاسين ته مسيح اسان جي خاطر مُئو.“ يسوع مسيح اسان جي خاطر مئو، يسوع جي موت اسان جي سڀني گناهن جي قيمت ادا ڪئي. يسوع جو مردن مان زندهه ٿي اٿڻ ثابت ڪري ٿو ته خدا يسوع جي موت کي اسان جي گناهن جي قيمت طور قبول ڪيو.

چوٿون سنگِ ميل روميون جي نجات جي رستي ۾ آهي روميون 10باب 9 آيت، ”ته جيڪڏهن تون پنهنجي زبان سان يسوع جي خداوند هجڻ جو اقرار ڪرين ۽ پنهنجي دل سان ايمان آڻين ته خدا هُن کي مردن ۾ ساڙيو ته نجات پائيندين.“ ڇاڪاڻ ته يسوع اسان جي جڳهه مُئو، اسان سڀني کي کپي ته ان تي يقين رکون، هن جي موت تي يقين رکون ته هن اسان جي گناهن جي قيمت ادا ڪئي ۽ اسين سڀ نجات پائينداسين. روميون 10باب 13 آيت وري چوي ٿي، ”ڇاڪاڻ ته جيڪو به خداوند جو نالو وٺندو، نجات پائيندو.“ يسوع مري ڪري اسان جي گناهن جو جرمانو ادا ڪيو ۽ اسان کي ابدي (هميشه جي موت) کان بچايو. نجات، گناهن جي معافي، سڀني کي موجود آهي جيڪو يسوع مسيح کي پنهنجو خداوند ۽ نجات ڏياريندڙ هجڻ تي يقين رکندو.

روميون نجات جي رستي جو آخري طرف آهي نجات جا نتيجا. روميون 5باب 1 آيت تمام حيرت انگيز پيغام رکي ٿي، ”بس جڏهن اسين ايمان سان سچا ٿياسين ته خدا سان گڏ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي صلح رکو.“ يسوع مسيح جي ذريعي اسين خدا سان امن جو رشتو رکي سگهون ٿا. روميون 8باب 1 آيت اسان کي ٻڌائي ٿي، ”بس هاڻ جيڪو به مسيح يسوع مان آهي ته ان تي سزا جو حڪم نه آهي.“ ڇاڪاڻ ته يسوع جي موت اسان جي لاءِ آهي، اسين پنهنجن گناهن جي ڪري ڪڏهن به سزا نه پائينداسين. ڇاڪاڻ ته اسين اِهو املهه واعدو ڪريون ٿا. روميون 8باب 38تا39 آيت، ”ڇاڪاڻ ته مون کي يقين آهي ته خدا جي جيڪا محبت اسان جي خداوند يسوع مسيح ۾ آهي انهيءَ سان اسان کي نه موت جدا ڪري سگهي ٿي نه زندگي. نه فرشتا ۽ نه حڪومتون. نه حال ۽ نه مستقبل جون شيون. نه قدرتون نه بلنديون نه پستيون ۽ نه ئي ڪا ٻي مخلوق.“

ڇا توهان پسند ڪندا ته توهان روميون نجات جي رستي جي پيروي ڪريو؟ جيڪڏهن ائين آهي ته هتي هڪ ساده دعا آهي جيڪا توهان ڪري سگهو ٿا. انهيءَ دعا کي پڙهڻ يا ڪنهن ٻئي کي پڙهڻ سان توهان کي نجات نٿي ملي سگهي، صرف مسيح تي ايمان آڻڻ ئي توهان کي توهان جي گناهن کان نجات ڏئي سگهي ٿو. هي دعا خداوند سان اظهار جو هڪ سادو رستو آهي ته توهان جو ايمان اُن تي آهي ۽ توهان ان جو شڪريو ادا ڪريو ته ان توهان کي نجات بخشي. ”خداوند“، آئون ڄاڻان ٿو ته مون تنهنجي خلاف گناهه ڪيا ۽ آئون سزا جو مستحق آهيان. ليڪن آئون جنهن سزا جو مستحق هيس، اُها سزا يسوع مسيح پنهنجي مٿي کنئي. بس ان تي ايمان آڻڻ جي سبب مون معافي ورتي آهي. آئون پنهنجن گناهن کان ڪناره ڪشي اختيار ڪريان ٿو ۽ پنهنجي نجات جي لاءِ پنهنجو ايمان تو تي رکان ٿو. آئون تنهنجي حيرت انگيز فضل ۽ بخشش جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جيڪو ابدي زندگي جو تحفو آهي. آمين.“

اهو سڀ پڙهڻ کان پوءِ ڇا توهان مسيح لاءِ فيصلو ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ مهرباني ڪري هيٺ لکيل ”آءُ مسيح کي قبول ڪريان ٿو“ واري بٽڻ کي دٻايو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

روميون ڪهڙي طرح نجات جو رستو آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries