settings icon
share icon
سوال

قائن جي زال ڪير هئي؟ ڇا قائن جي زال هُن جي ڀيڻ هئي؟

جواب


ڪلامِ مقدس واضح طور تي نٿو چوي ته قائن جي زال ڪير هئي. صرف ممڪن جواب هيءُ هو ته قائن جي زال هن ڀيڻ هئي يا ڀائيٽي هئي يا پوٽي وغيره. ڪلامِ مقدس قائن جي عمر جي باري ۾ ڪجهه نٿو چوي ته ڪڏهن هُن هابل کي قتل ڪيو (پيدائش 4باب 8آيت). هو ٻئي هاري هئا، هو ٻئي مڪمل طور تي جوان ٿي چڪا هئا، ٿي سگهي ٿو ته هو پنهنجي پنهنجي خاندان يا ڪٽنب کي هلائي رهيا هن. آدم ۽ حوا کي يقين طور تي ٻيا به ٻار هئا. قائن ۽ هاب جي علاه جڏهن هابل کي قتل ڪيو ويو ته ان جو يقيني طور تي بعد ۾ ڪيترائي ٻار هئا (پيدائش 5باب 4آيت). درحقيقت قائن هابل کي مارڻ کانپوءِ پنهنجي زندگي جي باري ۾ فڪرمند هو. (پيدائش 4باب 14آيت). هيءُ ظاهر ڪري ٿو ته انهن جا ٻيا به ٻار هوندا يا شايد انهن جا پوٽا يا هُن وقت آدم ۽ حوا جا پڙپوٽا هجن. قائن جي زال (پيدائش 4باب 17آيت) آدم ۽ حوا جي ڌيءَ يا پوٽي هئي.

جڏهن آدم ۽ حوا پهرئين (۽ صرف) بني نوع انسان هئا، انهن جي ٻارن وٽ پاڻ ۾ شادي ڪرڻ جي علاوه ٻيو ڪو پسند نه هوندي. خدا پاڻ ۾ شادي ڪرڻ اُن وقت تائين منع نه ڪئي جيستائين دنيا ۾ گهڻا ماڻهو ٿي نه ويا هئا ۽ پاڻ ۾ شادي ڪرڻ ضروري نه هو (احبار 18باب 6تا18آيت). ويجهن رشتي دارن سان مباشرت ڪرڻ جي نتيجي ۾ پيدائشي طور تي ذهني طور ڪمزور ٻار پيدا ٿيندا آهن ۽ ٻه ماڻهو موروثي طور تي هڪ ئي خاصيت رکن (مثال جي طور تي هڪ ڀاءُ يا ڀيڻ) انهن جي ٻارن ۾ موروثي طور تي ڪيتريون ئي خاميون هونديون آهن ڇاڪاڻ ته ٻنهي جي والدين ۾ هڪ جهڙيون ئي خاميون هونديون آهن. جڏهن مختلف خاندانن مان ٻار پيدا ٿين ٿا، ته اِهو گهٽ ئي ٿيندو آهي ته ٻنهي والدين مان هڪ ئي طرح جون خاميون هجن. انسان موروثي ترتيب وڏي تيزي سان گڏ صدين کان ”خراب“ ٿي رهي آهي جنهن سان موروثي بيماريون به وڌي ويون آهن، ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل ۾ منتقل ٿي رهيون آهن. آدم ۽ حوا ۾ ڪنهن به قسم جون موروثي خاميون نه هيون، انهيءَ لاءِ هو بهتر هئا ۽ انهن جون پهريون ڪجهه نسلون تمام گهڻيون صحت مند هيون جڏهن هاڻ اسين اهڙا ناهيون. آدم ۽ حوا جا ڪجهه ٻار اهڙا هئا، جنن ۾ موروثي خاميون نه هيون. جنهن جي نتيجي ۾، پاڻ ۾ شادي ڪرڻ انهن جي لاءِ نقصانده نه هو. هيءُ عجيب لڳندو آهي ۽ سوچڻ سان نفرت ٿيندي آهي ته قائن جي زال هُن جي ڀيڻ هئي. شروع ۾، جڏهن خدا هڪ ماڻهو ۽ هڪ عورت کان شروع ڪيو، ٻئي نسل وٽ ٻئي ڪا پسند نه هئي ته هو پاڻ ۾ شادي ڪن.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

قائن جي زال ڪير هئي؟ ڇا قائن جي زال هُن جي ڀيڻ هئي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries