settings icon
share icon
سوال

ڪلام مقدس مسيح ده يڪي جي باري ۾ ڇا ٿو چوي؟

جواب


ده يڪي هڪ اهڙو معاملو آهي جنهن سان اڄ ڪيترن ئي مسيحي مقابلو ڪري رهيا آهن. ڪيترن ئي ڪليسيائن ۾ ده يڪي تي جام زور وڌو آهي هڪ ئي وقت ۾ ڪيترائي مسيحي پنهنجيون شڪرگذاريون ڪلام مقدس جي ترغيب ۽ نصحيت جي روشني ۾ خدا کي پيش ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا. ده يڪي يا خوشي سان ڏيڻ باعث برڪت آهي افسوس سان گڏ اهو عمل اڄ گرجا گهرن مان ختم ٿيندو وڃي.

ده يڪي پراڻي عهد نامي جو تصور آهي، ده يڪي شريعت جي مطابق هڪ قانون هو جنهن جي مطابق تمام اسرائيلي پنهنجي ڪمائي يا پيداوار جو 100%(دس في صد) حصو خيمه اجتماع يا گرجا گهر ۾ آڻيندا(احبار30:27؛ گنتي18:26؛ استثنا14:24؛ 2 تواريخ 5 : 31 ) پراڻي عهدنامي ۾ ڪجهه ماڻهن داه يڪي جي هڪ قسم جو ٽيڪس ادا ڪرڻ جو هڪ طريقو سمجهو ته ڪاهنون ۽ لاوي جيڪي قربان گاهه ۾ ايندا ويندا هئا ان جي ضروريات کي پورو ڪري سگهجي، نئين عهد نامي ۾ ده يڪي جو حڪم ڪٿي به ڪونهي.ايستائين جو مسيحي ڪنهن قسم جي جي شرعي ده يڪي جي نظام کي مڃي. پولوس بيان ڪري ٿو ته ايماندار کي کپي ته پنهنجي آمدني جو ڪجهه حصو ڪليسيا(گرجا گهر) جي مدد جي لاءِ رکي(1ڪرنٿيون2 : 16 2)

نئون عهد مامو ڪٿي به هي ڪونٿو چوي ته پنهنجي آمدني جو حصو (في صد) الگ رکيو وڃي پر صرف اهو چيو ويو ......”پنهنجي آمدني جو ڪجهه حصو پنهنجي پاڻ وٽ رکي ڇڏيندا ڪريو.....“(ڪرنٿيون2 : 16) مسيحي ڪليسيائن خاص طور تي پراڻي عهدنامي جي مطابق10% (في صد) ده يڪي وٺندي آهي ان کي لاڳو ڪري ٿي، جنهن کي هي گهٽ ۾ گھٽ ”منتخب ڪيل“ حصو مسيحين جي لاءِ ضروري آهي. تنهنڪري اسين مسيحي ده يڪي کي ڏيڻ ضروري ڪو نٿا سمجهون. اهو ايترو ئي ڏيندا آهن جيترو اهي ڏئي سگهندا آهن جئين.....”پنهنجي آمدني جا اخراجات ڪجهه پاڻ وٽ رکي ڇڏيندا ڪن.....“ اڪثر هن جو مطلب اهو آهي ته اسان کي ده يڪي کان زياده به ڏيڻ کپي، اڪثر هن جو مطلب اهو به هوندو آهي ته ڪڏهن اسان کي ده يڪي کان گهٽ به ڏيڻ کپي. هي سب هڪ ئي مسيحي جي استطاعت تي منحصر آهي ۽ ڪليسيا جي ضرورت تي، هر هڪ مسيحي کي کپي ته اهو وڏي سرگرمي سان دعا ۽ خدا سان حڪمت جي لاءِ طلبگار هجي جئين ته هو ٻين ڪمن ۾ شريڪ آهي اهڙي طرح ده يڪي جي به هو مرد يا عورت شريڪ هجي(يعقوب 5 : 1) ”جنهن قدر هر هڪ پنهنجي دل ۾ سمايو آهي اهڙي قدر نه ذريعو ڪري ۽ نه لاچاري سان ڇو ته خدا خوشي سان ڏيڻ واري کي عزيز رکي ٿو.(2 ڪرنٿيون 7 : 9).

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڪلام مقدس مسيح ده يڪي جي باري ۾ ڇا ٿو چوي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries