settings icon
share icon
سوال

ڇوٽڪاري جو منصوبو ڇا آهي؟

جواب


ڇا توهين بکيا آهيو؟ آءُ جسماني بک جي ڳالهه نٿو ڪريان، پر ڇا توهان کي زندگيءَ ۾ ڪجهه وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي بُک آهي؟ ڇا توهان جي اندر ۾ ڪا اهڙي تڙپ آهي جيڪا ختم نه ٿي ٿئي، جيڪا توهان کي بکيو رکي ٿي؟ جيڪڏهن ها ته پوءِ عيسى ڏانهن اچو، ڇاڪاڻ ته عيسى ئي هن جو حل آهي. عيسى چيو آهي ته، ”آءُ زندگي جي ماني آهيان، جيڪو مون وٽ اچي ٿو تنهن کي وري بک نه لڳندي ۽ جيڪو مون تي ايمان آڻي ٿو، تنهن کي ڪڏهن به اُڃ نه لڳندي.“ (يوحنا 6:35)

ڇا توهان پريشان آهيو؟ ڇا توهان جي زندگيءَ جو مقصد آهي ۽ توهان وٽ ڪا سڌي راهه ڪونيه؟ ڇا توهان کي ائين لڳي ٿو ته ڪنهن توهان جي زندگيءَ ۾ اوندهه ڪري ڇڏي آهي ۽ توهان ڪوشش باوجود روشني نٿا آڻي سگهو؟ جيڪڏهن ها ته پوءِ عيسى ڏانهن اچو، ڇاڪاڻ ته عيسى وٽ هن جو حل آهي. عيسى گواهي ڏني آهي ته آءُ دنيا جي روشني آهيان، جيڪو به منهنجي پيروي ڪري ٿو، تنهن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري هو ڪڏهن به اوندهه ۾ نه گهمندو. (يوحنا 8:12).

ڇا توهان کي ڪڏهن ائين محسوس ٿئي ٿو ته توهان جي زندگي جڪڙجي ويئي آهي؟ ڇا توهان پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا آهن ۽ ڪامياب نه ٿيا آهيو؟ ڇا توهان هڪ ڀرپور زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ رستو ڳولهي رهيا آهيو؟ جيڪڏهن ها ته پوءِ عيسى ڏانهن اچو، ڇاڪاڻ ته عيسى ئي انهيءَ جو حل آهي. عيسى واضح چيو آهي ته ”آءُ در آهيان ۽ جيڪو به مون مان اندر گهڙندو سو بچي ويندو، هو اندر ٻاهر ايندو ويندو ۽ گاهه به ملندس.“ (يوحنا 10:9)

ڇا ماڻهو سدائين توهان کي مايوس ٿا ڪن ۽ ڇڏي ٿا ڏين؟ ڇا توهان جا رشتا ناتا خالي ۽ کوکلا آهن؟ ڇا توهان کي ائين لڳي ٿو ته هر ڪو توهان مان ڪم ڪڍي ٿو؟ جيڪڏهن ها ته پوءِ عيسى ڏانهن اچو، ڇاڪاڻ ته عيسى وٽ انهيءَ جو حل آهي. ”عيسى چيو آهي ته آءُ چڱو ريڍار آهيان ۽ چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنهنجي جان به ڏئي ٿو . . . آءُ پنهنجين رڍن کي سڃاڻان ٿو ۽ رڍون مون کي سڃاڻين ٿيون.“ (يوحنا 10:11-14)

ڇا ته توهان پريشان آهيو ته هن زندگيءَ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا توهان فاني شين لاءِ جيئڻ کان تنگ اچي چڪا آهيو، ڇا توهان کي زندگيءَ جي معنى بي مقصد لڳي ٿي؟

ڇا توهان مرڻ کان پوءِ به جيئڻ چاهيو ٿا؟ جيڪڏهن ها ته پوءِ عيسى وٽ اچو، ڇاڪاڻ ته عيسى وٽ انهيءَ جو حل آهي. ”عيسى چيو ته آءُ قيامت ۽ زندگي آهيان، جيڪو به مون تي ايمان آڻي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي ته به زندهه رهندو، ۽ جيڪو به جيئرو آهي ۽ مون تي ايمان آڻي ٿو سو ڪڏهن به نه مرندو.“ (يوحنا 11:25-26)

رستو ڇا آهي؟ سچ ڇا آهي؟ زندگي ڇا آهي؟ عيسى انهن سوالن جا جواب ڏيندي چوي ٿو ته، ”رستو، سچ ۽ زندگي آءُ آهيان منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪو به پيءُ تائين پهچي نٿو سگهي.“ (يوحنا 14:6) جيڪا بک توهانکي محسوس ٿئي ٿي، سا اصل ۾ روحاني بک آهي ۽ رڳو عيسى مسيح ئي زندگيءَ ۾ گهڙڻ جو در آهي. عيسى مسيح ئي اهو سڄڻ ۽ ريڍار آهي، جنهن جي توهان کي ڳولها آهي. عيسى مسيح ئي هن دنيا ۽ آخرت جي حياتي آهي. عيسى مسيح ڇوٽڪاري جو رستو آهي.

بک محسوس ٿيڻ، اونداهيءَ ۾ گم ٿيندي محسوس ٿيڻ، زندگي بي مقصد محسوس ٿيڻ، انهن سڀني ڳالهين جو احساس ان ڪري ٿئي ٿو جو توهين خدا کان ڌار ٿي ويا آهيو. پاڪ بائبل ۾ فرمايو آهي ته اسان سڀني گناهه ڪيو آهي، تنهن ڪري خدا کان پري آهيون (واعظ 7:20 ۽ روميون 3:23) جيڪو خال توهان پنهنجي دل ۾ محسوس ڪيو ٿا، اهو اصل ۾ خدا آهي، جيڪو توهان جي زندگيءَ ۾ نه آهي. اسان خدا سان لاڳاپو ۽ رفاقت رکڻ جي لاءِ پيدا ڪيا ويا هئاسين، پر اسان جي گناهن جي ڪري اسان جي خدا سان رفاقت ختم ٿي وئي آهي. انهيءَ کان به بدتر ڳالهه اها آهي ته پنهنجن گناهن جي ڪري اسان نه صرف هن دنيا بلڪه آخرت ۾ به خدا جي جلوي کان محروم رهنداسين. (روميون 6:23 ۽ يوحنا 3:36). اها محروميت ۽ دوري ڪيئن ختم ٿي سگهي ٿي؟ رڳو عيسى مسيح جي وسيلي. عيسى اسان جا گناهه پاڻ تي کنيا (2ــ ڪرنٿيون 5:21) مسيح اسان جي خاطر مئو (روميون 5:8) ۽ جنهن سزا جا اسان حقدار هئاسون، سا هن پاڻ تي کنئي. ٽن ڏينهن کانپوءِ مئلن ما جيئرو ٿي ڪري عيسى مسيح گناهه، ۽ موت تي فتح حاصل ڪئي. (روميون 6:4-5) عيسى مسيح جان ڇو ڏني؟ مسيح پاڻ هن ڳالهه جو جواب ڏيندي ائين چيو ته، ”انهيءَ کان وڌيڪ ڪو به پيار ڪونهي جو ماڻهو پنهنجي جان دوستن لاءِ ڏي.“ (يوحنا 15:13) عيسى انهيءَ ڪري مئو ته جيئن اسان کي زندگي ملي. جيڪڏهن اسين مسيح تي ايمان آڻيون ته سندس موت اسان جي گناهن جوڪفارو آهي، ته اسان جا سڀ گناهه معاف ٿي ويندا ۽ اسين سڀ اڇا اُجرا ٿي پونداسون. پوءِ اسان جي روحاني بک لهي ويندي ۽ زندگي روشن ٿي ويندي، دائمي زندگيءَ ۾ هونداسين ۽ پنهنجي سچي دوست ۽ ريڍار کي سڃاڻينداسين. اسان کي خبر هوندي ته مرڻ کان پوءِ به عيسى مسيح سان گڏ دائمي زندگي گذارينداسين

”ڇا لاءِ جو خدا دنيا سان ايترو ته پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنو ته جيڪو به مٿس ايمان آڻي سو برباد نه ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.“ (يوحنا 3:16)

اهو سڀ پڙهڻ کان پوءِ ڇا توهان مسيح لاءِ فيصلو ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ مهرباني ڪري هيٺ لکيل ”آءُ مسيح کي قبول ڪريان ٿو“ واري بٽڻ کي دٻايو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڇوٽڪاري جو منصوبو ڇا آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries