settings icon
share icon
سوال

ڇا توهان ڪڏهن عيسى مسيح کي پنهنجو شخصي ڇوٽڪارو ڏيندڙ قبول ڪيو آهي؟

جواب


ڇا توهان ڪڏهن عيسى مسيح کي پنهنجو شخصي ڇوٽڪارو ڏيندڙ قبول ڪيو آهي؟ توهان جي جواب کان اڳ، مون کي اجازت ڏيندا ته آءُ هن سوال جي وضاحت ڪريان. هن سوال کي چڱيءَ ريت سمجهڻ کان اڳ، اهو ضروري آهي ته پهريون ”عيسى مسيح“، ”شخصي“ ۽ ”ڇوٽڪاري ڏيندڙ“ کي سمجهو.

عيسى مسيح ڪير آهي؟ ڪيترا ئي ماڻهو عيسى مسيح کي هڪ سٺي انسان، بهترين استاد ۽ خدا جي نبيءَ جي حيثيت سان سڃاڻين ٿا. هن ۾ ڪو به شڪل نه آهي ته هو هڪ سٺو انسان، بهترين استاد ۽ نبي پڻ هيو، پر اهي سڀ شيون هن اصل حقيقت ۽ سچائيءَ کي بيان نه ٿيون ڪن. بائبل مقدس ٻڌائي ٿي ته عيسى خدا آهي، جيڪو انساني صورت ۾ ڌرتيءَ تي آيو (يوحنا 1:1-14) خدا هن ڌرتيءَ تي اسان کي سيکارڻ، شفا ڏيڻ، تنبيهه ڪرڻ، معاف ڪرڻ ۽ اسان جي خاطر جان ڏيڻ جي لاءِ آيو. عيسى مسيح ئي قادرِ مطلق خدا ۽ خالق آهن. ڇا توهان انهيءَ عيسى کي قبول ڪيو آهي؟

ڇوٽڪارو ڏيندڙ ڇا آهي؟ ۽ اسان کي ڇوٽڪاري ڏيندڙ جي ضرورت ڇو آهي؟ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي ته اسان سڀ گنهگار آهيون، اسان سڀني بڇڙا ڪم ڪيا آهن (روميون 3:10-18) پنهنجن گناهن جي ڪري ئي اسان خدا جي ڪاوڙ ۽ سزا جا حقدار ٿياسون. دائمي ۽ لامحدود خدا جي خلاف گناهه جي سزا پڻ لامحدود (اڻکٽ) آهي (روميون 6:23، مڪاشفو 20:11-15) تنهنڪري اسان کي هڪ اهڙي ڇوٽڪاري ڏيندڙ جي ضرورت آهي جيڪو هن اڻکٽ سزا کان بچائي سگهي. عيسى مسيح هن ڌرتيءَ تي آيو ۽ اسان جي بدلي ۾ پنهنجي جان ڏنائين. انساني صورت ۾ ايندڙ عيسى مسيح جي موت ئي اسان جي لامحدود گناهن جي لامحدود ادائگي آهي، (2 ــــ ڪرنٿين 5:21) عيسى اسان جي گناهن خاطر مئو. (روميون 5:8)

عيسى اسان جي گناهن جي قيمت ادا ڪئي ته جيئن اسان سزا کان بچي سگهون. سندس مئلن مان جيئرو ٿي اُٿڻ اهو ثابت ڪيو ته سندس موت اسان جي گناهن جي ڪفاري جي لاءِ ڪافي هئي. تنهنڪري رڳو عيسى ئي ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي. (يوحنا 14:6، رسولن جا ڪم 4:12) ڇا توهان ايمان آڻيو ٿا ته عيسى ئي ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي.

ڇا عيسى توهان جو شخصي ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي؟ ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سمجهن ٿا ته، مسيحت رڳو گرجا گهر وڃڻ، مذهبي رسمون ادا ڪرڻ ۽ گناهه نه ڪرڻ جو نالو آهي. آءُ توهان کي ٻڌايان ٿو ته اها مسيحيت نه آهي، حقيقي مسيحيت عيسى مسيح سان شخصي لاڳاپو رکڻ آهي. عيسى مسيح کي پنهنجو شخصي ڇوٽڪارو ڏيندڙ قبول ڪرڻ جو مطلب آهي ته توهان هن تي ايمان رکو ٿا. عيسى کانسواءِ ٻئي ڪنهن تي ايمان آڻڻ سان ڪو به نٿو بچي سگهي ۽ نيڪ عمل ڪرڻ سان به گناهن کان معافي نه ٿي ملي سگهي. گناهه کان معافي جو رڳو هڪ ئي طريقو آهي ته عيسى مسيح کي پنهنجو شخصي ڇوٽڪارو ڏيندڙ قبول ڪجي، ان ڳالهه تي ايمان رکجي ته سندس موت اسان جي گناهن جو ڪفارو آهي ۽ سندس مئلن مان جيئرو ٿي اُٿڻ دائمي زندگيءَ جي ضمانت آهي. (يوحنا 3:16) ڇا عيسى توهان جو شخصي ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي؟

جيڪڏهن توهان عيسى مسيح کي پنهنجو شخصي ڇوٽڪارو ڏيندڙ قبول ڪرڻ چاهيو ٿو ته خدا جي آڏو هيٺ ڏنل دُعا چئو. ياد رکو ته هيءَ يا ڪا ٻي دُعا توهان کي نه بچائيندي، رڳو مسيح تي ايمان ئي توهان کي گناهه کان بچائي سگهي ٿو. هيءَ دعا پنهنجي پاڻ کي خدا جي آڏو پيش ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي، جيڪو خدا ئي اسان جو ايمان ظاهر ڪري ٿو ۽ هن جي ڏنل ڇوٽڪاري جي شڪرگذاري ڪرڻ سيکاري ٿو.

”اي خدا، آءُ ڄاڻان ٿو ته مون تنهنجو گناهه ڪيو آهي ۽ سزا جو حقدار آهيان، پر عيسى مسيح منهنجي سزا پاڻ تي کنئي ته جيئن هن تي ايمان آڻڻ جي وسيلي مون کي گناهه کان ڇوٽڪارو ملي سگهي. آءُ پنهنجي گناهن کان پاسو ڪريان ٿو ۽ توتي ايمان آڻيان ٿو ته جيئن مون کي گناهن کان ڇوٽڪارو ملي؟ آءُ عيسى کي پنهنجو شخصي ڇوٽڪارو ڏيندڙ قبول ڪريان ٿو. آءُ تنهنجي وڏي فضل ۽ معافي، جيڪا دائمي زندگيءَ جي نعمت آهي، ان لاءِ شڪرگذار آهيان! آمين.“

اهو سڀ پڙهڻ کان پوءِ ڇا توهان مسيح لاءِ فيصلو ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ مهرباني ڪري هيٺ لکيل ”آءُ مسيح کي قبول ڪريان ٿو“ واري بٽڻ کي دٻايو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڇا توهان ڪڏهن عيسى مسيح کي پنهنجو شخصي ڇوٽڪارو ڏيندڙ قبول ڪيو آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries