settings icon
share icon
سوال

آئون ڪيئن يقين سان ڄاڻي سگهان ٿو ته جڏهن مان مرندس ته آسمان تي ويندس؟

جواب


ڇا توهان يقين سان چئي سگهو ٿا ته توهان وٽ ابدي زندگي آهي ۽ جڏهن توهان مرندا ته آسان تي ويندا؟ خداوند چاهي ٿو ته توهان هميشه جي زندگي پايو. ڪلامِ مقدس چوي ٿو ته: ”مون توهان کي جيڪي خدا جي پٽ جي نالي تي ايمان آڻيو ٿا، اِهي ڳالهيون انهيءَ ڪري لکيون ته جيئن توهان کي خبر پئي ته توهان هميشه جي زندگي رکو ٿا.“ (1.يوحنا 5باب 13آيت). فرض ڪريو ته ٺيڪ هينئر توهان خداند جي سامهون بيٺا آهيو ۽ هو چوي ٿو ته ”آئون توهان کي آسمان تي ڇو وڃڻ ڏيان؟“ توهان ڇا جواب ڏيندا؟ توهان نٿا ڄاڻو ته ڇا جواب ڏيندا. توهان کي جيڪو ڄاڻ» جي ضرورت آهي ته اُها هيءُ آهي ته خدا اسان سان پيار ڪري ٿو ۽ اسان کي هڪ اهڙو رستو ڏيکاريو آهي جنهن جي ذريعي اسان ڄاڻي سگهون ٿا ته اسين پنهنجي ابدي زندگي ڪٿي گذارينداسين. ڪلامِ مقدس هن ريت بيان ڪري ٿو: ”ڇاڪاڻ ته خدا دنيا سان اهڙي محبت رکي جو هن پنهنجو اڪيلو پٽ بخشي ڇڏيو ته جيئن جيڪو هن تي ايمان آ»ي، هلاڪ نه ٿيئي بلڪه هميشه جي زندگي پائي.“ (يوحنا 3باب 16آيت)

اسان کي سب کان پهريان هيءُ ڄاڻ» جي ضرورت آهي ته ڪهڙيون ڪهڙيون شيون اسان کي آسمان جي بادشاهي ۾ وڃ» کان روڪين ٿيون. مسئلو اِهو آهي ته اسان جي گناهن مان ڀريل فطرت اسان کي خدا سان تعلق رکڻ کان پري ڪري ٿي. اسان فطري طور ۽ پنهنجي سان گنهگار آهيون. ”انهيءَ لاءِ جو سڀن گناهه ڪيا ۽ خدا جي جلال کان محروم آهن.“ (روميون 3باب 23آيت). اسين پنهنجي پاڻ کي بچائي نٿا سگهون. ”ڇاڪاڻ ته توهان کي ايمان جي وسيلي ۽ فضل سان ئي نجات ملي آهي ۽ هيءُ توهان جي طرفان نه پر خدا جي بخشش آهي. ۽ نه عملن جي سبب آهي ته جيئن ڪير فخر نه ڪري.“ (افسيون 2باب 8تا9آيت) اسين موت ۽ دوزخ جا مستحق آهيون. ”ڇاڪاڻ ته گناهه جي مزدوري موت آهي.“ (روميون 6باب 23آيت).

خدا پاڪ آهي ۽ صرف ۽ صرف گناهه کان نفرت ڪري ٿو، پوءِ به هو اسان سان پيار ڪري ٿو ۽ اسان کي پنهنجن گناهن جي معافي بخشي ٿو. يسوع چيو: ”مان حق ۽ زندگي جي رستي ۾ آهيان. ڪير به منهنجي وسيلي جي بغير پيءُ وٽ نٿو اچي.“ (يوحنا 14باب 6آيت). يسوع صليب تي جان ڏني. ”انهيءَ لاءِ ته مسيح پڻ يعني راستباز ناراستون جي گناهن جي ڪري هڪ دفعو ڏک کنيو ته جيئن اسان کي خدا تائين پهچائي.“ (1.پطرس 3باب 18آيت). يسوع مئلن مان جي اٿيو. ”هو اسان جي ڏوهن جي حوالي ڪيو ويو ۽ اسان جي راستباز هجڻ ڪري ساڙيو ويو.“ (روميون 4باب 25آيت).

وري واپس پنهنجي سوال تي اچون ٿا ته، ”مان ڪيئن يقين سان ڄاڻي سگهان ٿو ته جڏهن آئون مرندس ته آسمان تي ويندس؟“ جواب هيءُ آهي يسوع مسيح تي ايمان آڻ تون نجات پائيندين. (اعمال 16باب 31آيت). ”ليڪن جنتن انهن کي قبول ڪيو هن انهن کي خدا جي اولاد بڻجڻ جو حق بخشيو يعني انهن کي جيڪي هن جي نالي تي ايمان آڻين ٿا.“ (يوحنا 1باب 12آيت). توهان ابدي زندگي جو تحفو مفت حاصل ڪري سگهو ٿا . . ”مگر خدا جي بخشش اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ هميشه جي زندگي آهي.“ (روميون 6باب 23آيت). توهان هينئر کان هڪ مڪمل ۽ بامعنى زندگي گذاري سگهو ٿا. يسوع فرمايو . . ”آئون انهيءَ ڪري آيس جو اُهي زندگي حاصل ڪن ۽ گهڻائي سان حاصل ڪن.“ (يوحنا 10باب 10آيت). توهان آسمان تي يسوع سان گڏ ابدي زندگي گذاري سگهو ٿا، جنهن جو هن واعدو ڪيو: ”۽ جيڪڏهن مان وڃي جڳهه تيار ڪريان ته پوءِ اچي ڪري توهان گڏ وٺندس ته جيئن جتي مان رهان، اُتي توهان به هجو.“ (يوحنا 14باب 3آيت)

اگر توهان يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ چاهيو ٿا ته هو توهان جي نجات جو باعث آهي ته هيٺ ڏنل دعا خدا کان گهرو. اِهو ياد رکو. انهيءَ دعا کي پڙهڻ يا ڪنهن ٻئي کي پڙهڻ سان توهان کي نجات نٿي ملي سگهي، صرف مسيح تي ايمان آڻڻ ئي توهان کي توهان جي گناهن کان نجات ڏئي سگهي ٿو. هي دعا خداوند سان اظهار جو هڪ سادو رستو آهي ته توهان جو ايمان اُن تي آهي ۽ توهان ان جو شڪريو ادا ڪريو ته ان توهان کي نجات بخشي. ”خداوند“، آئون ڄاڻان ٿو ته مون تنهنجي خلاف گناهه ڪيا ۽ آئون سزا جو مستحق آهيان. ليڪن آئون جنهن سزا جو مستحق هيس، اُها سزا يسوع مسيح پنهنجي مٿي کنئي. بس ان تي ايمان آڻڻ جي سبب مون معافي ورتي آهي. آئون پنهنجن گناهن کان ڪناره ڪشي اختيار ڪريان ٿو ۽ پنهنجي نجات جي لاءِ پنهنجو ايمان تو تي رکان ٿو. آئون تنهنجي حيرت انگيز فضل ۽ بخشش جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جيڪو ابدي زندگي جو تحفو آهي. آمين.“

اهو سڀ پڙهڻ کان پوءِ ڇا توهان مسيح لاءِ فيصلو ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ مهرباني ڪري هيٺ لکيل ”آءُ مسيح کي قبول ڪريان ٿو“ واري بٽڻ کي دٻايو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

آئون ڪيئن يقين سان ڄاڻي سگهان ٿو ته جڏهن مان مرندس ته آسمان تي ويندس؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries