settings icon
share icon
سوال

ڪلامِ مقدس هم جنس پرستي جا باري ۾ ڇا چوي ٿو؟ ڇا هم جنس پرستي گناهه آهي؟

جواب


ڪلامِ مقدس اسان کي لڳاتار ٻڌائي ٿو ته هم جنس پرست حرڪتون گناهه آهن (پيدائش 19باب1تا13آيت؛ احبار18باب12آيت؛ روميون1باب26تا27آيت: 1.ڪرنٿيون 6باب9آيت). روميون 1باب 26تا27آيت خاص طور تي تعليم ڏيندي آهي ته هم جنس پرستي جو نتيجو خدا جو انڪار ۽ خدا جي نافرماني آهي. جڏهن هڪ شخص گناهه ڪندو رهي ٿو ۽ بي اعتقاد آهي، ڪلامِ مقدس ٻڌائي ٿو ته خدا پڻ ان کي ”ناپسنديده عقل جي حوالي ڪري ڇڏيو“ ۽ هو هر طرح جي ناراستي ۽ بدخواهي جي گناهن سان ڀرجي ويا ۽ خدا سان عليحدڳي انهن جي زندگين کي بي اثر ۽ نااميد بڻائي ڇڏيو. 1.ڪرنٿيون 6باب 9آيت اعلان ڪري ٿي ته هم جنس پرستي ڪرڻ وارا ”بدڪار“ خدا جي بادشاهي جا وارث نه هوندا.

خدا انسان کي هم جنس پرستي جي خواهش سان گڏ پيدا نه ڪيو. ڪلامِ مقدس اسان کي ٻڌائي ٿو ته انسان گناهه جي سبب هم جنس پرست ٿيو (روميون 1باب 24تا27 آيت)، ۽ آخرڪار پنهنجي پسند جي ڪري. هڪ شخص خاص طور تي هم جنس پرستي سان متاثر ٿيڻ واري ڪيفيت سان پيدا ٿئي ٿو، بلڪل اهڙي طرح جيئن ماڻهو تشد جي رغبت سان گڏ پيدا ٿيندا آهن ۽ ٻين گناهن سان. هن گناهه کي پسند ڪرڻ واري شخص کي معافي ناهي ملندي ڀلي هو پنهنجي گناهه جي خواهش کي پري به چاهي. جيڪڏهن ڪو شخص ڪاوڙ يا طيش جي تمام گهڻي اثر سان پيدا ٿيندو آهي، ڇا هي هن کي ٺيڪ ڪري ٿي ته هو پنهنجين انهن خواهشن کان پري رهي؟ يقيناً نه، هي سچ آهي هم جنس پرستي جي لاءِ.

بهرحال، ڪلامِ مقدس هم جنس پرستي کي ڪنهن ٻئي گناهه سان ”عظيم“ نٿو ٻڌائي. سڀئي گناهه خدا جي دل شڪني (دل ٽوڙيندا) ڪندا آهن. هم جنس پرستي انهن ڪيترن ئي گناهن جي فهرست مان هڪ آهي. 1.ڪرنٿيون 6باب 9تا10آيت ٻڌائي ٿي ته جيڪو شخص اهڙا ڪم ڪندو اُهو خدا جي بادشاهي کان پري ڪيو ويندو. ڪلامِ مقدس جي مطابق خدا جي معافي هر هڪ جي لاءِ آهي چاهي هو هم جنس پرست هجي، بدڪار هجي، بت پرست هجي، خوني هجي، قاتل، چور وغيره.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڪلامِ مقدس هم جنس پرستي جا باري ۾ ڇا چوي ٿو؟ ڇا هم جنس پرستي گناهه آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries