settings icon
share icon
سوال

ڪلامِ مقدس طلاق ۽ ٻيهر شادي جي باري ۾ ڇا ٿو چوي؟

جواب


سڀني کان پهريائين، طلاق جي باري ۾ ڪنهن جي باري ۾ ڪجهه به خيالات هجن ڪلامِ مقدس جا هي الفاظ ياد رکڻ جهڙا آهن، جو ملاڪي 2 باب 16آيت ۾ آهن ”خداوند اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو مان طلاق مان بيزار آهيان.“ ڪلامِ مقدس جي مطابق شادي جي باري ۾ خدا جو منصوبو آهي زندگي ڀر جو واعدو (عهد). ”پوءِ هو ٻه نه بلڪه هڪ جسم ۾ آهن. انهيءَ لاءِ جنهن کي خدا جوڙيو آهي، ماڻهو انهيءَ کي جدا نه ڪري.“ (متي 19باب 6آيت). خدا ڄاتو ته جڏهن ٻه گناهن کان ڀريل انسان شادي ڪندا آهن ته طلاق وجود ۾ ايندي آهي. پراڻي عهدنامي ۾، هن ڪجهه قانون ٺاهيا طلاق يافته ماڻهن جي لاءِ خاص طور تي عورتن لاءِ. (استثنا 24باب 1تا4آيت). يسوع مسيح هن ڳالهه کي ظاهر ڪيو ته هي قانون انهيءَ لاءِ ٺاهيا ويا ڇاڪاڻ ته ماڻهن جي دل سخت آهي، ائين ناهي ته خدا اِهو چاهيندو هو. (متي 19باب 8آيت)

بحث انهيءَ ڳالهه تي ختم ٿيئي ٿي ته جڏهن طلاق ۽ ٻيهر شادي جي اجازت ڪلامِ مقدس ۾ يسوع مسيح جي انهن لفظن جي اردگرد گهمي ٿي جيڪي انهن (متي 5باب 32 آيت ۽ 19 باب 9آيت) چيا آهن. شايد ”سواءِ حرامڪاري“ جي ڪلامِ مقدس ۾ اِهائي واحد شئي آهي جيڪا ممڪن حد تائين خدا جي طرف کان طلاق ۽ ٻيهر شادي جي اجازت ڏيندي آهي. ڪيترا ئي مترجم انهيءَ ڳالهه کي هڪ ”مستثنى اصول“ سمجهندا آهن ۽ ائين حوالو ڏيندا آهن ته حرامڪاري جيڪا مڱڻي کان پوءِ ٿي هجي. يهودي رسم و رواج ۾ هڪ مرد ۽ هڪ عورت کي شادي شده تصو ڪيو ويندو هو جيتوڻيڪ اڃان انهن جي مڱڻي ئي ٿئي هجي. بدڪاري ئي انهيءَ نسبت يا تعلق کي ٽوڙڻ جي لاءِ هڪ جائز سبب آهي جنهن سان طلاق ٿي سگهي ٿي.

البته، يوناني لفظ جو ترجمو ”حرامڪاري“ ڪيو ويو آهي. انهيءَ لفظ جو مطلب آهي ته هر طرح جي جنسي حرامڪاري. انهيءَ جو مطلب آهي بدڪرداري، عصمت فروشي، زناڪاري وغيره. يسوع مسيح چوي ته طلاق صرف انهيءَ صورت ۾ ٿي سگهي ٿي جڏهن جنسي حرامڪاري جو گناهه سرزد ٿيو هجي. جنسي تعلقات هڪ شادي شده زندگي جو خاص ۽ هڪ واعدو آهي ”هو ٻئي هڪ تن هوندا.“ (پيدائش 2باب 24آيت؛ متي 19باب 5آيت؛ افسيون5باب 31آيت). انهيءَ لاءِ شادي جي انهيءَ مقدس عهد کي صرف جنسي آسودگيءَ جي لاءِ ٽوڙڻ طلاق جي لاءِ هڪ جائز سبب آهي. جيڪڏهن ائين آهي، يسوع مسيح انهيءَ حوالي ۾ ٻيهر شادي جي باري ۾ ڄاڻي ٿو، ”۽ مان توهان کي چوان ٿو ته جيڪو به پنهنجي زال کي حرامڪاري جي بغير ٻئي ڪنهن سبب ڪري ڇڏي ڏي ۽ ٻي سان شادي ڪري ته هو زنا ڪري ٿو ۽ جيڪو به ڇڏي ڏنل سان شادي ڪري ٿو هو به زنا ڪري و.“ (متي 19باب 9آيت). هي ظاهر ڪري ٿو ته طلاق ۽ ٻيهر شادي جي اجازت آهي صرف انهيءَ وقت جڏهن هن ممنوع اصول کي ٽوڙيو وڃي يا ڪوئي هن کي جهڙو به سمجهي. هي ياد رکڻ ضروري آهي ته صرف اُهو فريق ٻيهر شادي ڪري سگهي ٿو جيڪو پاڪ هجي. جيتوڻيڪ هي ڳالهه انهن آيتن ۾ لکيل ناهي، طلاق کان پوءِ ٻيهر شادي خدا جي طرف کان رحم ۽ هڪ اضافي بخشش آهي ته جنهن هُن جو گناهه ڪيو آهي، انهيءَ جي لا نه جنهن جنسي حرامڪاري ڪئي آهي. ائين به ٿيندو آهي ته گنهگار ماڻهو به ٻيهر شادي ڪري وٺي، ليڪن انهيءَ طرح ڪو به خيال انهن آيتن ۾ ناهي آيل.

ڪجهه ماڻهو 1.ڪرنٿيون 7باب 15آيت کي هڪ ٻئي رعايت سمجهندا آهن جيڪا ٻيهر شادي جي لاءِ اجازت ڏيندي آهي جيڪڏهن ڪو بي ايمان شخص ڪنهن ايماندار کي طلاق ڏي. مگر انهن آيتن ۾ هي ناهي لکيل ته هو ٻيهر شادي ڪري، ليڪن هي چيو ويو آهي ته با ايمان شخص جي لاءِ ضروري ناهي ته هو پنهنجي شادي شده عهد کي جاري رکي جڪڏهن ڪو بي ايمان شخص هن کي ڇڏڻ چاهي. ڪجهه هن کي گار سمجهندا آهن (مڙس/زال ۽ ٻار) ته هي هڪ جائز وجهه آهي طلاق جي لاءِ ۽ نه ئي ان جي ڪا تفصيل ڪلامِ مقدس ۾ موجود آهي. جڏهن ته هي ان مسئلي جي باري ۾ ٺيڪ آهي، هي بلڪل ڪائي عقل مندي نه آهي ته اسين ڪلامِ مقدس جي باري پهرئين کان ڪو نتيجو اّخذ ڪريون.

اڪثر اسين بحث ۾ پري هليا ويندا آهيون ۽ انهيءَ رعايت جي باري ۾ جيڪا سچ آهي ته ”حرامڪاري“ جو ڪهڙو به روپ هجي طلاق انهيءَ جي بخشش آهي. طلاق جي ضرورت ناهي. ايستائين جو جڏهن ڪو جوڙو زناڪاري جو ارتڪاب ڪري ٿو، خدا جي فضل جي ذريعي، معافي کي سمجهي ٿو ۽ شادي شده زندگي جو ٻيهر آغاز ڪري ٿو. خدا اسان کي ڪيترن شين کان معاف ڪري چڪو آهي. يقيناً اسين هن جي تمثيل کي سامهون رکندي زناڪاري جهڙن گناهن کي به معاف ڪرائي سگهون ٿا (افسيون 4باب 32آيت). البت ڪيتري ئي دفعا ڏٺو ويو آهي ته هڪ فريق ته هي حاصل نٿو ڪري ۽ جنسي حرامڪاري جاري رکي ٿو انهيءَ لاءِ اتي متي 19باب 9آيت هر طرح سان پوري لهي ٿي. ڏٺو ويو آهي ته ڪيترا ئي ماڻهو طلاق جي فوراً پوءِ شادي ڪري وٺندا آهن جڏهن ته خدا چاهيندو آهي ته هو غير شادي شده ئي رهن. خدا اڪثر ماڻهن کي بغير شادي جي ئي سڏيندو آهي انهيءَ لاءِ ته انهن جي توجه صرف ۽ صرف هڪ طرف ئي هجي. (1.ڪرنٿيون 7باب 32تا35آيت). طلاق کان پوءِ ٻيهر شادي ڪرڻ جيڪو ڪجهه جڳهن تي ته ممڪن آهي، مگر انهيءَ جو اِهو مطلب ناهي ته صرف اِهوئي ممڪن آهي.

هي نهايت افسوسناڪ آهي ته طلاق جي شرح مسيحي ايماندارن ۾ بي ايمانن جي نسبت وڌيڪ آهي. ڪلامِ مقدس تمام گهڻي سختي سان ۽ واضح طور تي ٻڌائي ٿو ته خدا طلاق کان نفرت ڪري ٿو (ملاڪي 2باب 16آيت) ۽ هي صلح ۽ معافي هڪ ايماندار جي زندگي جي علامت آهي. (لوقا 11باب 4آيت؛ افسيون 4باب 32 آيت) پوءِ به خدا ڄاڻي ٿو ته طلاق ٿيئي. جيتوڻيڪ هن جا ٻارن ۾ پڻ. هڪ طلاق يافته ٻيهر شادي شده ايماندار بلڪل هي محسوس نه ڪندو ته خدا هن سان گهٽ پيار ڪري ٿو، ايستائين جو هو طلاق ۽ ٻيهر شادي هن کان مستثنى اصول (متي 19باب 9آيت) جي دائري ۾ ايندي آهي يا نه. خدا اڪثر گناهه مان ڀريل نافرمانين کي به مسيحين جي چڱائي جي لاءِ استعمال ڪري ٿو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڪلامِ مقدس طلاق ۽ ٻيهر شادي جي باري ۾ ڇا ٿو چوي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries