settings icon
share icon
سوال

ڇا واقعي ڪلامِ مقدس خدا جو ڪلام آهي؟

جواب


اسان جو هن سوال جي جواب ڏيڻ صرف انهيءَ ڳالهه جو گهيرو ڪرڻ نه هوندو ته ڪلامِ مقدس جو مطالعو ڪيئن ڪرڻو آهي ۽ انهيءَ جي اسان جي زندگي ۾ ڪهڙي اهميت آهي، ليڪن گڏوگڏ انهيءَ جو ابدي اثر اسان تي به هوندو. جيڪڏهن ڪلامِ مقدس حقيقت ۾ خدا جو ڪلام آهي، پوءِ اسان کي انهيءَ ۾ پرورش پائڻ گهرجي، انهيءَ کي پڙهڻ گهرجي، انهيءَ جي تابعداري ڪرڻ گهرجي ۽ انهيءَ تي يقين رکڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪلامِ مقدس خدا جو ڪلام آهي ته انهيءَ کي ڇڏي ڏيڻ خدا کان اسان کي پري ڪري ٿو.

حقيقت هيءُ آهي ته خدا اسان کي ڪلامِ مقدس ثبوت طور ۽ پنهنجي پيار جي تشريح جي لاءِ ڏنو آهي. لفظ ”مڪاشفه“ جو سادو مطلب آهي ته خدا بني نوعِ انسان کي ٻڌائي ٿو ته هو ڇا پسند ڪندو آهي ۽ ڪيئن اسين هن سان سچو ”تعلق“ رکي سگهون ٿا. هيءُ اُهي شيون آهن جنن کي اسين نٿا ڄاڻي سگهون پر خدا پنهنجي الهي قدرت سان اِهي سڀ ڳالهيون ڪلامِ مقدس جي ذريعي ظاهر ڪيون. جيتوڻيڪ ڪلامِ مقدس ۾ خدا جو مڪاشفه وڏي ڪاميابي سان تقريباً 1500 سالن کان به وڌيڪ عرصي ۾ ڏنو ويو، هي هميشه هر انهيءَ شئي تي مشتمل هوندو آهي جيڪا انسان کي خدا جي باري ۾ ڄاڻڻ لاءِ ضروري هوندي آهي ته جيئن هو انهيءَ سان سچو تعلق رکي سگهي. جيڪڏهن ڪلامِ مقدس حقيقت ۾ خدا جو ڪلام آهي، ته پوءِ هي آخري اختيار ايمان جي سڀني معاملن جي لاءِ آهي، مذهب تي هلڻ لاءِ ۽ چڱائي جي لاءِ پڻ.

سوال جيڪو اسان کي توهان کان پڇڻ کپي ته اسين ڪيئن ڄاڻي سگهون ٿا ته ڪلامِ مقدس ئي خدا جو ڪلام آهي ۽ صرف هڪ سٺي ڪتاب ئي ناهي. ڪلامِ مقدس ۾ ڪهڙي انفراديت آهي جيڪا انهيءَ کي دنيا جي تمام لکيل مذبي ڪتابن کان الگ ڪري ٿي؟ ڇا هتي ڪو ثبوت آهي ته ڪلامِ مقدس واقعي خدا جو ڪلام آهي؟ هتي ڪيترن ئي قسمن جا سوال آهن جنن تي اسان کي غور ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اسين ڪلامِ مقدس جي دعوائون جي سنجيدگي سان جانچ ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڪلامِ مقدس حقيقت ۾ خدا جو ڪلام آهي پاڪ الهام ۽ ايمان جي تمام معاملن ۽ عمل جي مجموعي طور ڪافي آهي.

هتي انهيءَ حقيقت تي شڪ نٿو ڪري سگهجي ته ڪلامِ مقدس دعوى ڪري ٿو ته هو حقيقت ۾ خدا جو ڪلام آهي. بيشڪ انهن آيتن کي ڏسو: ٻي ٿيمٿيس 3باب 15آيت تا 17آيت ۾ لکيل آهي.

”. . . ۽ تون ننڍپڻ کان انهن پاڪ نوشتن سان واقف آهين جيڪي تون کي يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ سان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ دانائي بخشي سگهن ٿا. هر هڪ صحيفو جيڪو خدا جي الهام سان آهي تعلم ۽ الزام ۽ اصلاح ۽ سچائي جي تربيت ڪرڻ لاءِ فائده مند به آهي. ته جيئن مردِ خدا مڪمل ٿئي ۽ هر هڪ نيڪ ڪم جي لاءِ بلڪل تيار ٿي وڃي.“

انهن سوالن جو جواب ڏيندي اسين اندروني ۽ بيروني سڀني ثبوتن کي ڏسنداسين جيڪي ڪلامِ مقدس کي خدا جو سچو ڪلام ثابت ڪن ٿا. اندروني ثبوت اُهي شيون آهن جيڪي ڪلامِ مقدس ۾ موجود آهن جيڪي پاڪ بنياد جي تصديق ڪن ٿيون. اندروني ثبوتن ۾ پهريون هيءُ آهي تره ڪلامِ مقدس حقيقت ۾ خدا جو ڪلام آهي جيڪو انهيءَ جي وحدانيت مان ظاهر آهي. حالانڪه هيءُ 66 واقعي انفرادي ڪتابون آهن، ٽن کنڍن ۾ لکي ويئي آهي، ٽن مختلف زبانن ۾ تقربياً 1500 سالن جي عرصي ۾، 40 کان وڌيڪ مصنفين (جيڪي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندا هئا)، ڪلامِ مقدس شروع کان آخر تائين بغير ڪنهن اختلاف (تبديليءَ) جي هڪ مڪمل ڪتاب رهي، هن جي وحدانيت باقي ڪتابن کان بي مثال آهي ۽ انهيءَ جو ثبوت آهي پاڪ بنياد، خدا جو ڪلام ان کي اهڙي تحريڪ ڏي ٿو جو هو ان جي حقيقي ڪلام کي لکندا هئا.

اندروني ثبوتن جو هڪ ٻيو ثبوت جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته ڪلامِ مقدس واقعي خدا جو ڪلام آهي جو بيان ڪلامِ مقدس جي صفحات تي درج پشين گوئين تي محيط آهي. ڪلامِ مقدس هزارين تفصيلي پشين گوئين تي مشتمل آهي جنن جو تعلق ڪيترين ئي قومن جي مستقبل سان آهي جنهن ۾ اسرائيل به شامل آهي. هن خاص شهرن جو مستقبل به آهي، بني نوعِ انسان جو مستقبل، ۽ هن هڪ جي اچڻ لاءِ جيڪو مسيحا هوندو، جيڪو صرف اسرائيل کي نجات ڏياريندڙ نه هوندو، مگر انهن سڀني جو جيڪي ايمان رکن ٿا. غير مشابهه پشين گوئيون ٻين مذهيب ڪتابن ۾ ملنديون آهن ۽ اُگي وشيب گوئيون جيڪي نوسٽراڊيمس ڪيون، ڪلامِ مقدس جون پشين گوئيون حد کان وڌيڪ تفصيل سان هوندين آحن ۽ هميشه سچائي سان پوريون ٿين ٿيون ۽ ڪڏهن به ناڪام نه ٿيون. صرف پراڻي عهدنامي ۾ ٽي (300) سو کان وڌيڪ پشين گوئيون يسوع مسيح جي باري ۾ آهن. نه صرف پهرئين کان اِهو ٻڌايو ويو ته ڪٿي پيدا ٿيندو ۽ ڪهڙي خاندان مان هوندو، ليڪن گڏوگڏ هيءُ به ٻڌايو ويو ته هو ڪيئن مرندو ۽ ٽئين ڏينهن وري زندهه ٿيندو. هتي اِهو منطقي نه پر سادگي سان بيان ڪيو ويو آهي ته ڪلامِ مقدس جون مڪمل ٿيل پشين گوئيون ڪنهن ٻئي سان نه پر پاڪ ابتدا کان آهن. هتي ڪنهن به ٻئي مذهب جي ڪا ڪتاب ناهي جيڪا وسيع هجي يا مضبوط پشين گوئيون ڪري سگهي جيئن ڪلامِ مقدس ۾ آهن.

ڪلامِ مقدس جو پاڪ الهام هجڻ جو ٽيون اندروني ثبوت هن جي بي مثال اختيار ۽ طاقت ۾ نظر اچي ٿو. حالانڪه هيءُ ثبوت پهرئين ٻن اندروني ثبوتن کان وڌيڪ موضوع آهي، هيءُ ڪلامِ مقدس جي پاڪ الهامي هجڻ جي هڪ نهايت طاقتور گواهي کان گهٽ ناهي. ڪلامِ مقدس بي مثال اختيار رکي ٿو جيڪا هن وقت تائين لکيل تمام ڪتابن کان الگ آهي. هيءُ اختيار ۽ طاقت بي شمار ماڻهن جي زندگي ۾ نظر اچي ٿي جنن پنهنجي زندگين کي ڪلامِ مقدس کي پڙهڻ بعد بدلايو. نشي جا عادي ماڻهو هن جي ڪري تندرست ٿيو وڃن. هم جنس پرست هن جي ذريعي آزاد ٿيو وڃن، لاوارث ۽ قرض ۾ دٻيل ماڻهو بدليو وڃن، سخت عادي مجرم اصلاح پائين ٿا، گنهگارن جي هن ذريعي ملامت ٿيئي ٿي، ۽ هن کي پڙهڻ سان نفرت پيار ۾ بدليو وڃي. بائبل تبديل ڪرڻ ۽ قوتِ عمل جي طاقت رکي ٿي جيڪا ممڪن آهي ڇاڪاڻ ته هيءُ حقيقي خدا جو ڪلام آهي.

اندروني ثبوت سان گڏوگڏ ڪلامِ خدا جو ڪلام آهي ليڪن بيروني ثبوت به آهن جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته ڪلامِ مقدس حقيقي طور خدا جو ڪلام آهي. انهن ثبوتن ۾ هڪ ثبوت ڪلامِ مقدس جو تاريخي هجڻ آهي. ڇاڪاڻ ته ڪلامِ مقدس جي تفصيلاً درج تاريخي واقعات ٻئي تاريخي تحريرن کي ٻئي تاريخي تحريرن سان ڀيٽ ڪرڻ سان انهيءَ سچائي ۽ درستگي ثابت ٿيئي ٿي. آثارِ قديمه ۽ تحريري طور لکيل ٻنهي ثبوتن ذريعي، ڪلامِ مقدس جي تاريخي تفصيل وقتاً فوقتاً ثابت ٿي چڪي آهي جيڪا صحيح ۽ سچي آهي. حقيقت ۾ سڀئي آثارِ قديمه ۽ هٿ سان لکيل ڪتابن جا ثبوت ڪلامِ مقدس جي حمايت ڪن ٿا. اِهي هن کي قديم دنيا جي بهترين دستاويزي ڪتاب بڻائين ٿا. حقيقت ۾ ڪلامِ مقدس درستگي ۽ سچائي سان تاريخي طور لکيو ويندو رهيو. هن جي واقعن جي تصديق هن جي سچي ۽ عظيم هجڻ کي ظاهر ڪري ٿي. جڏهن مذهبي موضوعن ۽ هن جي تعليمات ۽ هن جي دعوائن کي سچ ثابت ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو ته هيءُ واقعي خدا جو ڪلام آهي.

هڪ ٻيو بيروني ثبوت جنهن سان ڪلامِ مقدس حقيقي خدا جو ڪلام ثابت ٿيئي ٿو اُها انساني مصنفين جي سچائي آهي. جيئن پهرئين ذڪر ڪيو ويو آهي، خدا ڪيترن ئي زندگي جي شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي استعمال ڪيو ته جيئن اُهي اسان جي لاءِ خدا جو ڪلام قلمبند (لکي) ڪري سگهن. انهن ماڻهن جي زندگين جو مطالعو ڪرڻ سان، هتي انهن تي يقين نه ڪرڻ جو ڪو مناسب سبب ناهي ته اُهي ايماندار ۽ مخلص ماڻهو نه هئا. انهن جي زندگين تي غور ڪيو وڃي ته حقيقت سامهون ايندي ته اُهي مرڻ جا خواهشمند هئا (اڪثر وڏي دردناڪ موت مئا) ته هو ڇا ايمان رکندا هئا، اِهو جلد ئي ظاهر ٿي ويو ته هو عام ماڻهو هئا مگر ايماندار ۽ خدا تي ڀروسو رکڻ وارا هئا ۽ ان سان ڳالهيون ڪندا هئا. اُهي ماڻهو جنن نئون عهدنامو لکيو ۽ هزارين ٻيا ايماندار (1.ڪرنٿيون 15باب 6آيت) هن جي پيغام جي سچائي کي ڄاڻندا هئا ڇاڪاڻ ته انهن يسوع مسيح جي مُردن مان زندهه ٿي اٿڻ کان پوءِ ڏٺو ۽ گڏ وقت گذاريو. مسيح جي بدليل صورت کي ڏسڻ انهن ماڻهن تي هڪ وڏو اثر ڪيو هو. اُهي خوف زدهه ٿي ڀڄي ويا، جيڪو پيغام خدا انهن ڏنو اُهي انهيءَ جي لاءِ مرڻ لاءِ تيار هئا. انهن جون زندگيون ۽ موت هن حقيقت جي تصديق ڪن ٿيون ته ڪلامِ مقدس ئي سچو خدا جو ڪلام آهي.

ڪلامِ مقدس جو هڪ آخري بيروني ثبوت هيءُ آهي ته ڪلامِ مقدس لازوال آهي. ڇاڪاڻ ته هن جي اهميت جي ڪارڻ ۽ هيءُ دعوى ڪري ٿو ته هي هڪ حقيقي خدا جو ڪلام آهي. ڪلامِ مقدس ڪيترائي انتهائي غليظ حملا برداشت ڪيا ۽ تاريخ ۾ ٻئي ڪنهن به ڪتاب ناهي جنهن کي ڪلامِ مقدس وانگر تباهه ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون هجن. شروعاتي رومي شهنشاهتن، اشتراڪيت پسند حڪمرانن ۽ جديد دنيا جي بي دين ۽ فرسوده خيالن کي مڃڻ وارن جو، ڪلامِ مقدس وڏي جوانمردي سان ۽ سنڀالي ڪري انهن سڀني جو سامهون ڪيو ۽ اڄ به هيءُ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڇپجندڙ ڪتاب آهي.

وقت گذرڻ سان گڏوگڏ، بي اعتقاد ماڻهو جيڪي ڪلامِ مقدس کي ديومالائي ۽ من گهڙت قصا مڃين ٿا، ليڪن قديم شين جو علم رکڻ وارن انهيءَ کي تاريخي بڻائي ڇڏيو آهي. مخالفن حملا ڪيا ته هن جي تعليم فرسوده ۽ متروڪ، ليڪن سڄي دنيا ۾ هن جي نيڪ ۽ شروعي تصورات ۽ تعليمات قومن ۽ تهذيبن تي مثبت (سٺا) اثر مرتب ڪيا. هن تي سائنس ذريعي، علمِ نفسيات ذريعي ۽ سياسي تحريڪن جي ذريعي حملا جاري آهن ۽ اڄ به هي سچو ۽ مناسب آهي جنهن تي هيءُ پهريون دفعو لکيو ويو آهي. هيءُ هڪ ڪتاب آهي جنهن گذريل 2000 سالن کان بي شمار زندگيون ۽ تهذيبون تبديل ڪيو آهن. ڪو مسئلو ناهي ته مخالف ڪيئن هن تي حملا ڪن ٿا، تباهه ڪن ٿا يا هن کي بدنام ڪن ٿا، ڪلامِ هميشه قائم رهي ٿو، سچ وانگر، ۽ حملن کان پوءِ به اهڙيءَ طرح قائم رهي ٿو جهڙي طرح پهرين هو. هن جي درستگي جيڪا محفوظ ڪئي ويئي هئي دشمنن هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته هن کي تباهه ڪن، حملو ڪرين، ليڪن هيءُ حقيقت جي واضح گواهي آهي ته ڪلامِ مقدس ئي خدا جو سچو ڪلام آهي. هي اسان جي لاءِ ڪا حيراني جهڙي ڳالهه ناهي ته ڪيئن ڪلامِ مقدس تي حملا ڪيا ويا، هي هميشه بغير تبديلي جي ۽ ضرر کان محفوظ نڪتو آهي. آخرڪار، يسوع چيو، ”آسمان ۽ زمين ٽلي ٽڙي وڃي، ليڪن منهنجون ڳالهيون نه ٽڙنديون.“ (مرقس 13باب 31آيت). سڀني ثبوتن کي ڏسي ڪري هر ڪو بغير شڪ ۽ شبهي جي چئي سگهي ٿو ته ”ها! ڪلامِ مقدس ئي سچو خدا جو ڪلام آهي.“

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڇا واقعي ڪلامِ مقدس خدا جو ڪلام آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries