settings icon
share icon
سوال

پاڪ روح ڪير آهي؟

جواب


هتي پاڪ روح جي شناخت جي باري ۾ ڪيتريون غلط فهميون رائج آهن. ڪجهه جو خيال آهي ته پاڪ روح غير مرثي قوت آهي. ٻيا سمجهندا آهن ته پاڪ روح غير شخصي خدائي طاقت آهي جيڪي مسيح جي پيروڪارن کي ميسر آهي. پاڪ روح جي شناخت جي باري ۾ ڪلام مقدس ڇا ٿو چوي؟ ڪلام مقدس چوي ٿو ته پاڪ روح خدا آهي. ڪلام مقدس ٻڌائي ٿو ته پاڪ روح هڪ شخص به آهي، هڪ ذهين مخلوق، جذبات، ۽ هڪ ٻيو ارادو.

حقيقت ۾ پاڪ روح خدا آهي جيڪا ڪيترن ئي نوشتن ۾ نظر اچي ٿوجنهن کي اعمال5 باب3 تا4 آيت. هن آيت ۾ پطرس حننياه کي چيو ته ڇو تون روح المقدس سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ان کي ٻڌايو ته ”هن صرف ماڻهن سان ڪوڙ ناهي ڳالهايو پر خدا سان به ڪوڙ ڳالهايو آهي.“ هي واضع علان ڪري ٿو ته پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالهائڻ خدا سان ڪوڙ ڳالهائڻ آهي. اسين سمجهي سگهون ٿا ته پاڪ روح به خدا آهي ڇو ته هو خدا جي ڪردار جي صفات رکي ٿو، مثال جي طور تي حقيقت ۾ پاڪ روح هر وقت هر جڳهه موجود آهي139 زبور7تا8 آيت ۾ ڏسون ٿا ” آئون تنهنجي روح کان بچي ڪيڏانهن وڃان يا تون جي حضوري کان ڪيڏانهن ڀڄندس. جيڪڏهن آسمان تي چڙهي ويندس ته تون اُتي به آهين. جيڪڏهن آئون پاتال ۾ گهر ڪريان ته تڏهن به تون اُتي به موجود آهين. ”پوءِ1کرنتهيون2باب10آيت ۾ اسين پاڪ روح کي سب ڪجهه ڄاڻڻ واري جي ڪردار ۾ ڏسون ٿا. ”پر سان تي خدا ان کي روح جي وسيلي ظاهر ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته روح سڀ ڳالهيون بلڪه خدا جون طئي ڪيل ڳالهيون به دريافت ڪري وٺندو آهي. ڇو ته انسانن ۾ ڪير ڪنهن جون ڳالهيون ڄاڻي ٿو سواءِ انسان جي پنهنجي روح جيڪا ساڻس گڏ آهي؟ انهي جي لاءِ خدا جي روح کان سواءِ ٻيو ڪير خدا جون ڳالهيون ڄاڻي ٿو.“

اسين ڄاڻي سگهون ٿا ته ته پاڪ روح يقيناً هڪ شخص آهي ڇو ته هو ذهن، جذبات ۽ اراده رکي ٿو. پاڪ روح ڄاڻي ٿو ۽ سمجهي ٿو. (1کرنتهيون2باب10 آيت) پاڪ روح رنجيده ٿئي ٿو(افسيون4باب30 آيت) روح اسان جي شفاعت ڪري ٿو(روميون 8باب 26تا27آيت پاڪ روح پنهنجي مرضي سان فيصلا ڪري ٿي.(1 کرنتهيون12باب7تا11آيت) پاڪ روح خدا آهي تثليت جو ٽيون ”شخص“جنهن کي خدا پاڪ روح حقيقي طور تي تسلي ڏيڻ وارو ۽ مشورو ڏيڻ واري جي طرح ڪم ڪري ٿو جنهن جو يسوح واعدو ڪيو هو ته هو ڪندو(يوحنا14باب16آيت يوحنا15باب26 آيت).

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

پاڪ روح ڪير آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries