settings icon
share icon
سوال

ڇا مسيحن کي پراڻي عهدنامي جي فرمانبرداري ڪرڻ گھرجي؟

جواب


هن خاص مسئلي کي سمجھڻ جي لاءِ اهو ڄاڻڻ گھرجي ته پراڻي عهدنامي جا قانون اسرائيلي قوم کي ڏنا ويا هئا، مسيحن کي نه، ڪجھه قانون اسرائيلين جي لاءِ ٺاهيا ويا هئا ته جئين اهي ڄاڻين ته خدا جي فرمانبرداري ڪهڙي طرح ڪرڻي آهي؟ ۽ ڪهڙي طرح خدا کي خوش ڪرڻو آهي ( مثال جي طور تي ڏهه حڪم)، انهي مان ڪجھه اهو ظاهر ڪندا هئا ته خدا جي عبادت ڪهڙي طريقي سان ڪئي وڃي (جئين قرباني جو طريقو) ۽ انهن مان ڪجھه وري اسرائيلي قوم کي ٻين کان الڳ رکڻ جي لاءِ ٺاهيا ويا هئا ( جئين کائڻ ۽ پيئڻ جا اصول) پراڻي عهدنامي جا قانون اڄ جي دور ۾ اسان تي لاڳو نٿا ٿين. جڏهن يسوع صليب تي مئو ته انهي پراڻي عهدنامي جي قانونن کي ختم ڪري ڇڏيو. ( روميون 10 باب 4 آيت، گلتيون 3 باب 23 تا 25 آيت، افسيون 2 باب 15 آيت)

پراڻي عهدنامي جي جاءِ تي اسان مسيح جي قانون جي ماتحت آهيون، (گلتيون 6 باب 2 آيت) جئين ته ” انهي اُن کي چيو ته خداوند پنهنجي خدا سان پنهنجي پوري دل ۽ پنهنجي جان ۽ پنهنجي ساري عقل سان محبت رک وڏو ۽ پهريون حڪم اهوئي آهي ۽ ٻيو انهي جهڙو هي آهي ته پنهنجي پاڙي واري سان پنهنجي برابر محبت رک انهن ٻنهي حڪمن تي تمام توريت ۽ انبياءَ جي صحيفن جو مدار آهي“ (متي 22 باب 37 تا 40 آيت). اگر اسان اهي ٻئي شيون ڪريون ٿا، اسان سڀ ڪنداسين جيڪو مسيح اسان کان ڪرائڻ گھري ٿو، ”۽ خدا جي محبت اها آهي ته ان جي حڪمن تي عمل ڪريو ۽ ان جا حڪم سخت ناهن“ (1 يوحنا 5 باب 3 آيت) اصطلاحي طور تي ڏهه حڪم مسيحن جي لاءِ ضروري ناهن ان جي باوجود به ڏهن حڪمن مان 9 اهڙا آهنجيڪي نئين عهدنامي ۾ ورجايا ويا آهن ( سواءِ سبت جي ڏينهن کي مڃڻ جي) ظاهري طور تي جيڪڏهن اسان خدا سان پيار ڪريون ٿا ته اسان ٻين خدائن جي عبادت نه ڪنداسين يا بتن جي عبادت نه ڪنداسين. اگر اسان پنهنجن پاڙيوارن سان پيار ڪريون ٿا ته ته اسان انهن کي قتل نه ڪنداسين، انهن سان دغا نه ڪنداسين ۽ انهن جي خلاف بڇڙو ڪم نه ڪنداسين يا انهن جي مال و دولت ۾ لالچ نه رکنداسين. بس اسان پراڻي عهدنامي جي ڪنهن قانون جي گرفت ۾ نه آهيون. اسانکي خدا سان پيار ڪرڻ گھرجي ۽ پنهنجن پاڙيوارن سان پيار ڪرڻ گھرجي. اگر اسان اهي ٻئي شيون ايمانداري سان ڪريون ٿا ته پوءِ هر شئي ترتيب سان هوندي.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڇا مسيحن کي پراڻي عهدنامي جي فرمانبرداري ڪرڻ گھرجي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries