settings icon
share icon
سوال

آئون ڪيئن پنهنجي مسيحي زندگي ۾ گناهه تي فتح حاصل ڪري سگهان ٿو؟

جواب


ڪلامِ مقدس هيٺين تدبيرن تي ڳالهه ڪري ٿو جنن سان اسين گناهن تي فتح حاصل ڪري سگهون ٿا.

پهرئين ـــ پاڪ روح هڪ تحفو جيڪو خدا اسان کي ڏيئي ٿو (هن جي ڪليسا) مسيحي طور طريقن سان زندگي گذاريون پاڪ روح ۾ رهندي. خدا جسم جي ڪمن ۽ روح جي ڪمن ۾ فرق رکي ٿو. گلتيون 5باب 16 تا 25آيت. انهن ا‎آيتن ۾ اسان کي روح جي هلڻ جي لاءِ سڏيو وڃي ٿو. ”سڀ ايماندار پهرين ئي پاڪ روح رکن ٿا، ليڪن هي آيت اسان کي ٻڌائي ٿي ته اسان کي روح تي هلڻ جي ضرورت آهي، پنهنجي مرضي سان پنهنجي پاڻ کي هُن جي اختيار ۾ ڏيون. انهيءَ جو مطلب آهي ته اسين ”مٿئين حصي“ جو انتخاب ڪريون جنهن جي پاڪ روح اسان جي زندگين کي ترغيب ڏي ٿو انهيءَ جي بجائي جسم جي پيروي ڪريون.

فرق جيڪو پاڪ روح ايماندار جي زندگي ۾ آڻي سگهي ٿو اُها اسان کي پطرس جي زندگي ۾ نظر اچي ٿي، جنهن پاڪ روح جي نازل هئڻ کان پهرئين يوسع جو ٽي دفعه انڪار ڪيو ۽ انهيءَ کان پوءِ چيائين ته هو مرڻ تائين يسوع جي پيروي ڪندو. پاڪ روح سان ڀرجڻ کان پوءِ، هو يهودين جي تهوار عيد پينتڪوست ۾ نجات ڏياريندڙ جي باري ۾ واضع طور تي ۽ بهادري سان ڳالهايائين.

پاڪ روح ۾ هلڻ ائين ناهي جيئن ڪير ”خاموشي“ سان پاڪ روح جي ترغيب ڏئي (”روح کي نه وسايو“ جيئن 1.ٿسلنڪيون5باب 19آيت ۾ چيو ويو آهي) ۽ هيءُ چاهيو ته روح سان معمور ٿيندا وڃو (افيسون 5باب 18تا21آيت). ڪيئن ڪير روح سان معمور ٿي سگهي ٿو؟ سڀ کان پهرئين، هيءُ خدا جي پسند آهي جيئن هيءُ پراڻي عهدنامي ۾ هئي. هن انفرادي طور تي ماڻهن کي چونڊي ورتو ۽ هن پراڻي عهدنامي جي خاص واقعات ۾ اهڙن ماڻهن کي چونڊيو ۽ انهن کي روح سان ڀريو ته جيئن اهي ان ذريعي پنهنجا ڪم پورا ڪن جيڪي اُهي ڪرائڻ چاهيندا هئا. (پيدائش 41باب 38آيت؛ خروج 31باب3آيت؛ ڳڻپ24باب2آيت؛ 1.سموئيل10باب10آيت وغيره.) آئون يقين رکان ٿو ته افسيون 5باب 18تا21 ۽ ڪلسيون 3باب16آيت ۾ ثبوت آهي ته خداوند انهن کي چونڊيو آهي جيڪي پنهنجي پاڻ کي خداوند جي ڪلام سان ڀرين ٿا. انهيءَ حقيقت جو ثبوت هيءُ آهي ته هر دفعي جڏهن پاڪ روح نازل ٿيو ته هُن جو هڪ ئي مطلب ڪڍيو. اهڙي طرح، هي اسان کي اسان جي اڳين تدبير تي آڻي ٿو.

ٻيو ــــــــ خدا جو ڪلام، ڪلامِ مقدس 2تيمٿيس 3باب16تا17آيت ٻڌائي ٿي ته خداوند اسان کي پنهنجو ڪلام ڏئي ٿو ته جيئن اسين هر سٺي ڪم جي لاءِ تيار ٿي وڃون. هي اسان کي سيکاري ٿو ته اسان کي ڪيئن زندگي گذارڻي آهي، هي اسان تي ظاهر ڪري ٿو ته جڏهن اسين غلط رستي جو انتخاب ڪريون ٿا، هي اسان کي واپس صحيح رستي تي اچڻ جي لاءِ مدد ڪندو آهي، ۽ انهيءَ رستي تي قائم رهڻ جي لاءِ مدد ڪندو آهي. جيئن عبرانيون 2باب 12آيت سيکاري ٿي، ”ڇاڪاڻ ته خدا جو ڪلام زندهه ۽ موثر ۽ هر هڪ تيز دهار تلوار کان به تيز آهي ۽ جان ۽ روح ۽ بند بند ۽ گُودي گودي کي جلد ڪري گذري وڃي ٿو ۽ دل جي خيالن ۽ ارادن کي جانچيندو آهي.“ زبور نويس پنهنجي زندگي جي تبديلي جي قوت جي باري ۾ ڳالهه ڪري ٿو 119 زبور 9آيت، زبور 11، زبور 105 ۽ ٻين آيتن ۾. يشوع ٻڌائي ٿو ته هن جي ڪاميابي جي خاص وجهه جنهن سان هن پنهنجن دشمنن تي قابو پاتو (روحاني جنگ ۾ مطابقت) ته هن پنهنجي تدبير کي وساريو نه هو بلڪه هو ڏينهن ۽ رات عبادت ۾ گذاريندو هو اهڙي طرح هو دشممنن جي ارادن کي ڄاڻي وٺندو هو. هي هُن اُن وقت ڪيو جڏهن خدا هُن حڪم ڏنو ته ڪا به فوجي ڪاروائي ناهي ڪرڻي، ۽ اِهائي هن جي جنگ ۾ ڪاميابي جي خاص وجهه هئي ته هن واعدو جي سرزمين حاصل ڪئي.

هي تدبير عام آهي ته جنهن کي اسين معمولي طور استعمال ڪندا آهيون. اسين علامتي خدمت ڪندا آهيون جيئن ڪلام کي هٿ ۾ کڻي گرجا هر وڃڻ يا روزانه ڪلامِ مقدس کي پڙهڻ ۽ عبادت ۾ مشغول رهڻ يا هڪ ڏينهن ۾ هڪ باب پڙهڻ، ليڪن اسين هن کي ياد رکڻ ۾ ناڪام رهندا آهيون، انهيءَ تي غورو فڪر ڪرڻ، پنهنجي زندگين تي لاڳو ڪرڻ سان، گناهن کان توبهه ڪرڻ سان هيءُ ظاهر ٿيئي ٿو، خداوند جي تعريف ڪريون ۽ هُن جو شڪريو ادا ڪريون جيڪو ڪجهه هو اسان کي ڏيندو آهي. ڪلامِ مقدس ۾ جڏهن به اِهو اچي ٿو ته اسين اڪثر يا ته ڪمزور يا بي صبرا ٿي ويندا آهيون. اسان کي اوترو ئي ڪلامِ مقدس وٺڻ کپي جنهن کي وٺڻ سان اسين روحاني طور تي زندهه رهي سگهون. جڏهن اسين گرجا گهر وڃون (۽ ايترو نه وٺو جنهن سان تمام وڌيڪ صحتمند هجو، نئون مسيحين وانگر) يا اسين اڪثر خوراڪ جي لاءِ هتي اچون ٿا ليڪن اسان ڪڏهن هن تي گهڻي دير جي لاءِ غور ناهي ڪيو ته هن سان روحاني قوت ۽ نشونما حاصل ڪرڻي آهي.

هي تمام ضروري آهي ته جيڪڏهن توهان خدا جي ڪلام کي بامقصد طور تي روزانه پڙهڻ جي عادت نٿا وجهو، ۽ هن کي ياد رکڻ جي جيئن پاڪ روح توهان کي انهن آيتن کي ذهن نشين ڪرڻ لاءِ اُڀاري ٿو، ته اهڙي طرح هن عبادت کي ٺاهڻ شروع ڪيو. آئون توهان کي مشورو ڏيان ٿو ته توهان روزاني جي طرز تي پڙهو (جيڪڏهن ڪمپيوٽر تي تيزي سان لکي سگهو ٿا ته لکو) يا هڪ سپرنگ واري ڪاپي ۾ درج ڪريو وغيره. هن کي عادت بڻايو ته توهان ڪلام کي نه ڇڏيندا هن وقت تائين ڪجهه نه ڪجهه لکندا رهو جيستائين توهان هن مان ڪجهه حاصل نٿا ڪريو. آئون اڪثر خدا سان ڪيل دعائن کي قلمبند ڪندو آهيان ۽ چوندو آهيان ته مون کي هر لحاظ کان تبديل ڪري ۽ هو مون کي ائين ئي چوندا آهن. ڪلامِ مقدس هڪ هٿيار آهي جيڪا روح اسان جي زندگين ۾ ۽ ٻين کي زندگين ۾ استعمال ڪري ٿو (افسيون 6باب 17آيت)، هڪ ضروري ۽ اهم شئي بڪترجو حفاظت جي لاءِ خدا ڏيندو آهي جيڪا روحاني جنگ وڙهڻ جي لاءِ (افسيون 6باب 12تا18آيت).

ٽيئن ـــــ دعا هي هڪ ٻئي ضروري تدبير آهي جيڪا خدا ڏني. وري، هي هڪ تدبير آهي جيڪي مسيحي اڪثر چپن جي خدمت جي ذريعي ڏيندا آهن ليڪن انهيءَ جو استعمال تمام گهٽ ڪندا آهن. اسين دعائيه پروگرام رکندا آهيون، دعا جي وقتن ۾، وغيره. ليڪن اسان انهيءَ کي استعمال نه ڪري سگهندا آهيون جيئن جي پهرين ڪليسيا مثالون ڏيندي آهي (اعمال 3باب1آيت؛ اعمال4باب31آيت؛ اعمال6باب4آيت؛ اعمال13باب1تا3آيت وغيره) پولوس وري وري نشاندهي ڪندو آهي ته هو انهن جي لاءِ دعا ڪندو آهي جنن جو هو خدمت ڪندو آهي. اسين ڪو نه ڪندا آهيون، جڏهن اسين پنهنجي طور تي، هن عظيم تدبير کي استعمال جيڪا اسان کي حاصل آهي. ليڪن خدا اسان سان دعا جي باري ۾ حيرت انگيز واعدو ڪيو آهي (متي 7باب7تا11آيت؛ لوقا18باب1تا8آيت؛ يوحنا6باب23تا27آيت؛ 1.يوحنا5باب14تا15آيت وغيره). ۽ وري، پولوس، انهن آيتن ۾ ٻڌائي ٿو ته روحاني جنگ جي لاءِ تيار رهو. (افسيون 6باب 18آيت).

هي ڪيئن ضروري آهي؟ جڏهن توهان ٻيهر پولوس کي ڏسندا آهيو، گتسمني جي باغ ۾، پطرس جي انڪار کان پهرئين توهان وٽ هُن جي لاءِ يسوع جا الفاظ آهن. اُتي يسوع دعا ڪري رهيو آهي، پطرس سمهي رهيو آهي. يسوع هُن کي جاڳائي ٿو ۽ چوي ٿو، ”جاڳ ۽ دعا ڪر، ته جيئن تون آزمائش ۾ نه پئجين: روح ته مستعد آهي ليڪن جسم ڪمزور آهي.“ (مت 26باب 41 آيت). توهان پرس جي طرح اهو ڪرڻ چاهيو ٿا جيڪو ٺيڪ آهي ليڪن قوت نٿا پايو. اسان کي خدا جي مشوري جي ضرروت آهي، دستڪ ڏيندا رهو، چوندا رهو ۽ هو اسان کي طاقت ڏيندو جنهن جي اسان کي ضرورت آهي (متي 7باب 7آيت). ليڪن اسان کي هن تدبير جي ذريعي ضرورت آهي سادگي سان چپن جي خدمت ڏيڻ جي.

آئون اِهو نه چئي رهيو آهيان ته دعا ڪو جادو آهي. ائين ناهي. خدا جلالي آهي. دعا اسان کي اسانجون حدون ٻڌائي ٿي ۽ خدا جي بي شمار طاقت ۽ هُن طرف مڙڻ جي، جيڪو ڪجهه هو اسان کان ڪرائڻ چاهي اسين ڪريون (اُهو نه جيڪو اسين ڪرڻ چاهيون ٿا) (1.يوحنا 5باب 14تا15آيت).

چوٿون ـــــ ڪليسيا هي آخري تدبير اُها هڪ آهي جيڪا اڪثر اسين نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون. جيئن يسوع پنهنجن شاگردن کي ٻاهر موڪليو، هُن انهن کي ٻه ٻه ڪري موڪليو (متي 10باب1 آيت). جڏهن اسين اعمال جي ڪتاب ۾ تبليغي سفيرن جي باري ۾ پڙهندا آهيون، ته اُهي سڀ هڪڙي دفعي ئي ٻاهر نه ويا، بلڪه ٻه ۽ ٻن کان وڌيڪ جي جماعت ٿي ڪري ويا. يسوع چيو ته جتي ٻه يا ٽي هن جي نالي سان گڏ ٿيندا، اُتي هو انهن سان گڏ هوندو. (متي 18باب 20آيت). هو اسان کي حڪم ڏي ٿو ته گڏ ٿيڻ سان باز نه اچون جيئن اڪثر ماڻهن جو دستور آهي بلڪه هن وقت هڪ ٻئي سان محبت ۽ نيڪ ڪمن جي ترغيب ڏيون. (عبرانيون 10باب 24تا25آيت). هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته پنهنجي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان پنهنجن پنهنجن گناهن جو اقرار ڪريو (يعقوب 5باب16آيت). پراڻي عهدنامي جي حڪمت کي ڪتاب ۾، اسان کي ٻڌايو ويو ته لوهه لوهه کي تيز ڪري ٿو، اهڙي طرح ماڻهو جي دوست جي چهري جي آب اهڙي طرح آهي (امثال 27باب 17آيت). ”۽ ٿري ڏوري جلد نٿي ٽٽي“. اتفاق ۾ برڪت آهي. (واعظ 4باب 11تا12آيت).

ڪجهه کي آئون سڃاڻان ته هو مسيح ۾ ڀائر آهن يا مسيح ۾ ڀينريون آهن (جيڪڏهن توهان عورت آهيو ته) جيڪي ٽيليفون جي ذريعي يا شخصي طور تي گڏ ٿي ڪري هڪ ٻئي جي مسيحي زندگي جي ڪمن کي بيان ڪندا آهن، ڪيئن هو ڪوشش ڪري رهيا آهن وغيره ۽ پابندي سان هڪ ٻئي جي لاءِ دعا ڪندا آهن ۽ هڪ ٻئي کي سهارو ڏيندا آهن ته جيئن خدا جو ڪلام انهن جي تعلقات کي مضبوط بڻائي وغيره.

ڪنهن وقت تبديلي جلدي اچي ويندي آهي. ڪنهن وقت ٻين صورتن ۾ تمام آهستي ايندي آهي. ليڪن خدا اسان سان واعدو ڪيو آهي ته جيئن جيئن اسين هن جي تدبيرن کي استعمال ڪنداسين هو اسان جي زندگين ۾ تبديلي آڻيندي. انهيءَ کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهو هو پنهنجن واعدن جو پڪو آهي.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

آئون ڪيئن پنهنجي مسيحي زندگي ۾ گناهه تي فتح حاصل ڪري سگهان ٿو؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries