settings icon
share icon
سوال

مان عيسى تي ايمان آندو آهي . . . هاڻي مان ڇا ڪريان؟

جواب


مان عيسى تي ايمان آندو آهي . . . هاڻي مان ڇا ڪريان؟

توهان کي مبارڪ هجي! توهان هڪ بهترين ۽ زندگيءَ کي تبديل ڪندڙ فيصلو ڪيو آهي! توهان شايد اهو پڇڻ ٿا چاهيو ته آءُ خدا سان پنهنجو سفر ڪيئن شروع ڪريان؟ ڪتابِ مقدس مان ورتل هيٺ ڏنل پنج قدم توهان جي رهنمائي ڪندا. هن دوران جيڪڏهن ڪي سوال ذهن ۾ اُڀرن ته مهرباني ڪري ويب سائيٽ www.GotQuestions.org/Sindhiتي ضرور ويندا.

1 ـــ پڪ ڪريو ته توهان ڇوٽڪاري کي سمجهي ورتو آهي.

يوحنا 5:13 ۾ هيئن فرمايل آهي ته ”اوهين جيڪي خدا جي فرزند جي نالي تي ايمان آڻيو ٿا، تن ڏانهن مون هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکيون آهن ته جيئن اوهانکي خبر پوي ته اوهان کي دائمي زندگي ملي آهي.“ خدا چاهي ٿو اسان کي خبر پوي ته اسان کي ڇوٽڪارو مليو آهي. هو چاهي ٿو اسان اها پڪ رکون ته اسان بچي ويا آهيون. اچو ته ڇوٽڪاري جي ڪجهه ضروري ڳالهين تي غور ڪريون.

الف ـــــ اسان سڀني گناهه ڪيو آهي ۽ اسان پنهنجن ڪمن مان خدا کي ناراض ڪيو آهي. (روميون 3:23)

ب ـــــ پنهنجن گناهن جي سزا طور اسان هميشه لاءِ خدا کان پري رهڻ جا حقدار آهيون. (روميون 6:23)

ج ـــــ عيسى اسان جي گناهن جي خاطر صليب تي مئو. (روميون 5:8) (2 ــ ڪرنٿين 5:21) جيڪا سزا اسان کي ملڻي هئي، سا مسيح پاڻ تي کنئي. سندس مئلن سان جي اٿڻ اهو ثابت ڪيو ته سندس موت اسان جي گناهن جي معافي جي لاءِ ڪافي هئي.

د ـــــ خدا انهن سڀني کي معافي ۽ ڇوٽڪارو ڏئي ٿو، جيڪي عيسى تي ايمان آڻين ٿا ۽ اهو يقين اٿن ته سندن گناهن جي معافي لاءِ مسيح صليبي موت قبول ڪيو. (يوحنا 3:16) (روميون 5:1 ۽ روميون 8:1) اهو ئي ڇوٽڪاري جو پيغام آهي! جيڪڏهن توهان عيسى مسيح کي ڇوٽڪارو ڏيندڙ قبول ڪيو آهي، ته پڪ ڄاڻو ته توهين بچي ويا آهيو. توهان جا سڀ گناهه بخشيا ويا آهن ۽ خدا واعدو ڪيو آهي ته هو توهان کي ڪڏهن به ڇڏي نه ويندو. (روميون 8:38-39) (متي 20-20).

ياد رکو ته عيسى مسيح ۾ توهان جو ڇوٽڪارو محفوظ آهي. (يوحنا 10:28-29) جيڪڏهن توهان عيسى مسيح کي پنهنجو ڇوٽڪارو ڏيندڙ مڃيو ٿا، ته يقين رکو ته توهان آسمان ۾ خدا سان گڏ ابدي زندگي گذاريندا!

2 ــــــ ڪو سٺو گرجا گهر (چرچ) ڳوليو جتي توهان بائبل سکي گهو.

گرجا هر يا چرچ رڳو عمارت نه آهي، ماڻهو ئي اصل ۾ چرچ آهن. اهو تمام ضروري آهي ته عيسى مسيح تي ايمان آڻيندڙ هڪ ٻئي سان رفاقت رکن. چرچ جي بنيادي مقصد مان هڪ مقصد اهو آهي هاڻي جڏهن ته توهان عيسى مسيح تي ايمان آندو آهي، تنهنڪري اسين توهان کي پرزور گذارش ڪنداسيون ته پنهنجي علائقي ۾ ڪا چرچ ڳوليو ۽ اتان جي پاسٽر صاحب سان ملاقات ڪريو. توهين کيس عيسى مسيح تي ايمان آڻڻ جي باري ۾ ٻڌايو. چرچ يا گرجا گهر جو ٻيو مقصد بائبل سيکارڻ آهي بائبل توهان کي سيکاريندي ته، خدا جون ڏنل هدايتون روزاني زندگيءَ ۾ ڪيئن عمل ۾ آڻجن. هڪ ڪامياب ۽ مضبوط مسيحي زندگي گذارڻ لاءِ بائبل مقدس کي سمجهڻ تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته بائبل مقدس ڪامياب زندگيءَ جي ڪنجي آهي. 2 ـــ تيمٿس 3:16-17 ۾ لکيل آهي ته، ”هر پاڪ لکت الهامي آهي ۽ اها تعليم ڏيڻ، تنبيهه ڪرڻ، سڌارڻ ۽ سچائيءَ جي تربيت ڏيڻ لاءِ فائدي واري آهي. انهيءَ لاءِ ته خدا جو بندو ڪامل ٿئي ۽ چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار رهي.“

چرچ ٺاهڻ جو ٽيون مقصد عبادت ڪرڻ آهي. خدا جي عظيم ڪمن جي شڪرگذاري ڪرڻ عبادت آهي. خدا اسان کي بچايو آهي. خدا اسان سان پيار ڪري ٿو. خدا اسان جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو. خدا اسان جي رهنمائي ڪري ٿو ۽ هدايتون ڏئي ٿو. پوءِ ڪيئن نه اسان سندس شڪرگذاري ڪريون؟ خدا پاڪ آهي، راستباز آهي، محبت ڪندڙ آهي، رحم ڪندڙ آهي، ۽ ڀرپور فضل ڪندڙ آهي. مڪاشفو 4:11 ۾ لکيل آهي، ”اي اسان جا خداوند تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آهين. ڇالاءِ جو تون ئي سڀ شيون پيدا ڪيون ۽ تنهنجي ئي مرضيءَ سان پيدا ٿيون ۽ وجود ۾ آيون.“

3 ـــ خدا تي ڌيان ڏيڻ لاءِ روزانو وقت ڪڍو.

اسان جي لاءِ تمام ضروري آهي ته اسين روزانو خدا جي ڌيان ۽ گيان جي لاءِ وقت ڪڍي ويهون. ڪي ماڻهو هن کي ”خاموشيءَ جو وقت“ چون ٿا، ڪي وري ”ارپڻ“ جو نالو ڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته هي اهو وقت هوندو آهي جنهن ۾ اسان پنهنجو پاڻ خدا کي ارپي ڇڏيندا آهيون. انهيءَ ڪري ڪجهه ماڻهو صبح جو وقت ڪڍندا آهن ۽ ڪجهه وري رات جو. ضروري ڳالهه اها نه آهي ته توهان هن وقت کي ڪهڙو نالو ٿا ڏيو يا اهو وقت ڪهڙي مهل ٿا ڪڍو. بلڪه ضروري ڳالهه اها آهي ته روزانو خدا جي لاءِ وقت ڪڍو. خدا جي ڌيان لاءِ ڪڍيل هن وقت ۾ اسين ڇا ڪريون؟ (الف) دُعا

دعا جو مطلب خدا سان ڳالهائڻ آهي. پنهنجن فڪرن ۽ ڳڻتين جي باري ۾ خدا سان ڳالهايو. خدا کان ڏاهپ ۽ رهنمائي گُهرو. پنهنجون ضرورتون خدا جي آڏو رکو. خدا کي ٻڌايو ته توهان هن سان پيار ڪريو ٿا، کيس ٻڌايو ته سڀني ڳالهين لاءِ هن جا شڪر گذار آهيو. اه آهي دعا جيڪا توهان کي روز ڪرڻي آهي. (ب) بائبل پڙهڻ چرچ ۾ يا ڪنهن ٻئي سينٽر ۾ بائبل پڙهڻ سان گڏوگڏ توهان جي ذميواري آهي ته اڪيلائيءَ ۾ به بائبل پڙهو.

هڪ ڪامياب مسيحي زندگي گذارڻ لاءِ توهان کي جن شين جي ضرورت آهي، اهي سڀ بائبل ۾ موجود آهن. بائبل جي ذريعي خدا اسان کي سيکاري ٿو ته ڏاهپ جا فيصلا ڪيئن ڪجن، خدا جي مرضي ڪيئن معلوم ڪجي، ٻين جي خدمت ۽ رهنمائي ڪيئن ڪجي ۽ روحاني طور تي ڪيئن اڳتي وڌجي. بائبل خدا جو ڪلام آهي جيڪو اسان جي رهنمائي لاءِ اسان ڏانهن موڪليو ويو آهي، حقيقت ۾ بائبل مقدس خدا جو هدايت نامو آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسان زندگي ڪيئن گذاريون. اهڙي زندگي جنهن ۾ خدا به خوش ٿئي ۽ اسين پاڻ به مطمئن هجون.

4 ــــــ اهڙن ماڻهن سان لاڳاپا رکو جيڪي روحاني طور تي توهان جي مدد ڪن

1 ـــ ڪرنٿين 15:33 ٻڌايل آهي، ”ٺڳجي نه وڃو، بري صحبت سٺيون عادتون بگاڙي ڇڏي ٿي.“ بائبل اهڙين نصيحتن سان ڀريل آهي، جنهن ۾ ٻڌايل آهي ته خراب ماڻهو ڪيئن اسان تي اثر انداز ٿي سگهن ٿا. بڇڙن ماڻهن جي صحبت اسان کي آزمائش ۾ وجهي سگهي ٿي ۽ سندس عادتون اسان کي چنبڙي سگهن ٿيون. تنهنڪري اهو تمام ضروري آهي ته اسين پنهنجو پاڻ کي خدا جي ٻانهن ۽ خدا سان پيار ڪندڙ پرهيزگار ماڻهن جي وچ ۾ رکون. ۽ ڪوشش ڪريو ته چرچ مان هڪ يا ٻه دوست ٺاهيو، جيڪي توهان جي مدد ڪن ۽ توهانکي همٿائن (عبرانيون 3:13 ؛ 10:24)

 انهن دوستن کي چئو ته توهان کي شخصي عبادت ۽ توهان جي ڪمن دوران، خدا سان هلڻ ۾ توهان جي رهنمائي ڪن ۽ توهان کان پڇاڻو ڪندا رهن. پوءِ توهان به سندن لاءِ ائين ڪريو. هن جو مطلب نه آهي ته توهان جا جيڪي دوست مسيحي نه آهن، توهان انهن کي ڇڏي نه ڏيو. انهن سان به دوستي ۽ پيار جاري رکو. رڳو انهن کي اهو ٻڌايو ته عيسى مسيح توهان جي زندگي ۾ تبديلي آندي آهي. ۽ توهان هاڻي پراڻا ڪم نه ٿا ڪري سگهو. خدا کان دعا گهرو ته توهان کي دوستن کي مسيح جي باري ۾ ٻڌائڻ جو موقعو ڏي.

5 ــــــ بپتسما وٺو:

گهڻن ماڻهن کي بپتسما جي باري ۾ غلط فهمي آهي. لفظ ”بپتسما“ جو مطلب آهي پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏيڻ. بپتسما بائبل جي مطابق، مسيح تي ايمان آڻڻ ۽ هن جي پيروي ڪرڻ جو هڪ کليل اعلان آهي. پاڻي ۾ ٽٻي ڏيڻ مسيح سان گڏ دفن ٿيڻ جي علامت آهي. جڏهن ته پاڻيءَ مان نڪرڻ، مسيح جي جيئري ٿي اُٿڻ ڏانهن اشارو آهي.

بپتسما وٺڻ سان اسين مسيح سان گڏ مرڻ، دفن ٿيڻ ۽ جيئري ٿي اُٿڻ يعني نئين زندگي حاصل ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا. (روميون 6:3-4) بپتسما توهان کي نٿو بچائي، نه ئي هن سان توهان جا گناهه صاف ٿين ٿا. بپتسما نه صرف فرمانبرداريءَ جو هڪ قدم آهي ۽ مسيح تي ايمان آڻڻ جو هڪ کليو اعلان آهي جيڪو سندس ڇوٽڪاري جي باري ۾ ٻڌائي ٿو. بپتسما ضروري ان ڪري آهي جو اهو فرمانبرداريءَ جو هڪ قدم آهي ۽ مسيح تي ايمان آڻڻ ۽ سندس پيروي ڪرڻ جو هڪ اعلان آهي. جيڪڏهن توهان بپتسما وٺڻ لاءِ تيار آهيو ته مهرباني ڪري پادري صاحب سان ڳالهايو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

مان عيسى تي ايمان آندو آهي . . . هاڻي مان ڇا ڪريان؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries