settings icon
share icon
سوال

غير قوم ۾ شادي جي باري ۾ ڪلامِ مقدس ڇا چوي ٿو؟

جواب


پراڻي عهدنامي ۾ اسرائيلين کي حڪم ڏنو ويو ته هو غير قوم ۾ شادي نه ڪن (استثنائ 7باب 3تا4آيت). اسرائيلين کي هيءُ حڪم ڏيڻ جو سبب هي هو ته جيڪڏهن هو انهن قومن سان شادي ڪن ها جيڪي بتن جون پوڄاري، باهه کي پوڄڻ واريون يا ڪافر هيون، ته هو غلط رستي تي هليا وڃن ها. نئين عهدنامي ۾ به اسان کي اهڙو ئي قانون ملي ٿو، ليڪن هڪ مختلف انداز سان: ”بي ايمانن سان گڏ ناهموار جُوئي ۾ نه کٽو ڇاڪاڻ ته سچائي ۽ بي ديني جو ڪهڙو ميل جول؟ يا روشني ۽ اوندهه ۾ ڪهڙو ميلاپ؟“ (2.ڪرنٿيون 6باب 14آيت). ايئن جيئن اسرائيلي (ايماندار جيڪو هڪ سچي خدا کي مڃي) انهن کي حڪم ڏنو ويو هو ته بي ايمانن سان شادي ناهي ڪرڻي، پوءِ مسيحين (ايماندار جيڪو هڪ سچي کي مڃن) کي حڪم مليو آهي ته هو بي ايمانن ۾ شادي نه ڪن. انهيءَ سوال جو جواب هي آهي ته نه، ڪلامِ مقدس هي نٿو چوي ته ٻين قومن ۾ شادي غلط آهي.

هڪ انسان مرد يا عورت جو هُن جي ڪردار جي سبب سان خبر پوي ٿي، هُن جي کل (جلد) جي رنگ جي سبب سان نه. اسان سڀني کي محتاط هجڻ گهرجي ته ڪنهن جي طرفداري نه ڪريون، نه ئي ٻين سان نسلي تعصب (يعقوب 2باب 1تا10آيت، خص طور تي 1 ۽ 9 آيت ڏسو). هڪ مسيحي مرد يا عورت کي پنهنجو جيون ساٿي چونڊڻ جو معيار هي هجڻ گهرجي ته هو اهڙي ساٿي جي تلاش ڪري جيڪو مسيحي هجي (2.ڪرنٿيون 6باب 14آيت)، اُهو جيڪو يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ جي سبب ٻيهر پيدا ٿيو هجي (يوحنا 3باب 3تا5آيت). مسيح تي ايمان، کل جي رنگ سبب سان نه، ڪلامِ مقدس جي مطابق شريڪِ حيات جو انتخاب ڪرڻ. غير قوم ۾ شادي ڪرڻ صحيح يا غلط جو مسئلو ناهي، ليڪن حڪمت، فهم ۽ دعا.

صرف هڪ سبب سان غير قوم ۾ وڏي احتياط سان شادي ڪئي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته مخلتف نسلن سان مليل جوڙن کي مشڪلاتن جو سامهون ڪرڻو پوندو آهي ڇاڪاڻ ته انهن کي قبول ڪرڻ ٻين لاءِ مشڪل هوندو. ڪيترن ئي غير قوم شادي شده جوڙن سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويندو آهي جڏهن انهن ٻارن جي جلد انهن والدين يا ڀيڻ ڀائرن کان مختلف هونديون آهن. غير قوم ۾ شادي شده جوڙن کي انهن شين کي مدِنظر رکڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن کي انهيءَ لاءِ تيار رهڻ گهرجي، ته انهن کي شادي ڪرڻ گهرجي. پوءِ، ڀلي، صرف ڪلامِ مقدس جي پابندي انهيءَ وقت آهي ته مسيحي جنهن سان شادي ڪرڻ وڃي رهيو آهي ته هو ٻيو شخص به مسيح جي بدن جو حصو آهي.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

غير قوم ۾ شادي جي باري ۾ ڪلامِ مقدس ڇا چوي ٿو؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries