settings icon
share icon
سوال

غير زبانن جي نعمت ڇا آهي؟ غير زبان جي نعمت اڄ جي دنيا جي لاءِ آهي؟

جواب


غير زبان ۾ ڳالهائڻ پهرين دفعه ان وقت ٿيو جڏهن پنتڪوست جي ڏينهن اعمال 2 باب 1 تا 4 آيت شاگرد ٻاهر نڪتا ۽ هجوم سان ڪلام مقدس کي بيان ڪيو. هو انهن کي انهن جي ئي زبان ۾ ڳالهائي رهيا هئا. ”پر پنهنجي پنهنجي زبان ۾ انهن کان خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ٻڌن ٿا ”(اعمال 2 باب 11 آيت) يوناني لفظ جنهن جو ترجمو زباني ڪيو ويو آهي جنهن جو ادبي مطلب ٻوليون آهن. هن لاءِ غير زبان جي نعمت اها زبان آهي جنهن کي ماڻهو نه سڃاڻي سگهي ۽ اهو ئي سڃاڻي سگهي جيڪو هِن کي سمجهندو هجي 1 ڪرنٿيون 12 ۽ 14 باب ۾ پولوس معجزانه نعمتون جي باري ۾ بيان ڪري ٿو هو ٻڌائي ٿو ته ”بس اي ڀائرو جيڪڏهن آئون توهان وٽ اچي پراين زبانن ۾ ڳالهه ٻولهه ڪريان ۽ مڪاشفه يا علم يا نبوت يا تعليم جي ڳالهيون توهان سان نه ڪريان ته توهان کي مون مان ڪهڙو فائدو ٿئي؟ (ڪرنٿيون 14 باب 6 آيت) پولوس رسول جي مطابق ۽ واعدي سان گڏ جيڪي زبانون اعمال ۾ بيان ڪيو ويو آهن، غير زبان ۾ ڳالهائڻ هن هڪ شخص جي لاءِ ته سٺو آهي جيڪو مرد يا عورت اُن زبان کي سمجهندو آهي پر ٻين سڀني جي لاءِ بي فائده آهي انهي وقت تائين جيستائين ٻيو ڪو اُن جو ترجمو نه ڪري.

هڪ شخص جيڪو غير زبانن جو ترجمو ڪرڻ جي نعمت ملي آهي(1ڪرنٿيون 12 باب 30 آيت) سمجهي سگهي ٿو ته غير زبان ڳالهائڻ وارو شخص ڇا ڳالهي رهيو آهي جڏهن ته هو مرد يا عورت جو هن زبان کي ڳالهائي رهيا آهن نه ٿا ڄاڻين ته ڇا ڳالهائي رهيا آهن- غير زبان جو ترجمو ڪرڻ وارو ايستائين غير زبان ڳالهائڻ واري جو پيغام ٻين تائين پهچائي رهيو هوندو آهي ته سڀ سمجهي سگهن. ”هن سبب جي جو هو غير زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو، اهو دعا ڪري ته ترجمو به ڪري سگهي(1ڪرنٿيون 14 باب 13 آيت) پولوس غيرزبان جي باري ۾ هن زبردست نتيجي تي پهتو، ”پر ڪيلسيا ۾ غير زبان ۾ ڏهه هزار ڳالهيون چوڻ کان مون کي اهو زياده پسند آهي ته ٻين جي تعليم جي لاءِ پنج ئي ڳالهيون عقل سان ڪريو“(1 ڪرنٿيون 14 باب 19 آيت)

ڇا غير زبان جي نعمت اڄ جي دور جي لاءِ آهي؟ 1.ڪرنٿيون 13باب 8آيت ٻڌائي ٿي ته زبانون وينديون رهنديون، البت هي ناقص جات رهندو. جڏهن ”ڪامل“ اينديون. 1.ڪرنٿيون 13باب10آيت. ڪجهه نقطن ۾ هي فرق زبانن، نبوت، ۽ حڪمت ”ختم ٿي ويندي“، زبانن سان گڏ ”ختم ٿي وينديون“ هي هڪ ثبوت آهي ته هي زبان جڏهن ڪامل ايندو ته وينديون رهنديون. ٿي سگهي ٿو ته هي واضح طور تي انهيءَ آيت مان بيان نه ٿيو هجي. پوءِ به ڪجهه آيتون اسان کي راهه ڏيکارين ٿيون جيئن يسعياه 28 باب 11آيت ۽ يوايل 2باب 28تا29آيت ثبوت آهي ته غير زبان خدا جو نشان آهي آخري زمان جي لاءِ. 1.ڪرنٿيون 14باب 22آيت بيان ڪري ٿي ته غير زبان بي ايمانن جي لاءِ هڪ نشان آهي. انهيءَ بيان جي مطابق غير زبان جي نعمت يهودين جي لاءِ هڪ تنبيهه آهي ته خدا اسرائيل جو انصاف ڪرڻ لاءِ اچڻ وارو آهي. جنن يسوع مسيح کي نجات ڏياريندڙ مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. انهيءَ لاءِ جڏهن خدا اسرائيل کي جانچيو ۽ (70 اي ڊي ۾ جڏهن رومين جي ذريعي يروشم کي تباهه ڪيو) ته غير زبان کي نعمت ڏني هن جي انهيءَ مقصد کي پوءِ پورو نه ڪيو. جڏهن ته هي به ٿي سگهي ٿو، غير زبان جو شروعاتي مقصد پورو ٿيو ويو هجي ليڪن هن کي موقوف نه ڪيو ويو هجي. مگر ڪلامِ مقدس انهيءَ ڳالهه جي حمايت نٿو ڪري ته غير زبان جي نعمت کي موقوف ڪري ڇڏيو ويو آهي.

هڪ ئي وقت ۾ جيڪڏهن غير زبانون اڄ جي ڪليسيا ۾ ڳالهائي وڃن ٿيون. هي ڪلامِ مقدس جي واعدي جي ذريعي ٿي رهيو آهي. هي زبان حقيقي ۽ حڪمت سان ڀريل آهي (1.ڪرنٿيون 14باب 10آيت). انهيءَ جو مقصد خدا جي ڪلام کي انهيءَ ماڻهو تائين پهچائڻ جيڪو زبان ڄاڻندو هجي (اعمال 2باب 6تا12آيت). هي حڪم هن عهد سان گڏ آهي ته جيڪو خدا پولوس رسول جي معرفت ڏي ٿو، ”جيڪڏهن غير زبان ڳالهائڻ وارو ڪليسيا ۾ چنبڙيو رهي ۽ پنهنجي دل سان ۽ خدا سان ڳالهيون ڪري“ (1.ڪرنٿيون 14باب 27تا28آيت). 1.ڪرنٿيون 14باب 33آيت ۾ هيءُ پڻ لکيل آهي، ”ڇاڪاڻ ته خدا ابتڙي جو نه پر امن جو باني آهي. جيئن مقدسن جي سڀ ڪليسيائن ۾ آهي.“

خدا يقيناً غير زبان جي نعمت هن مرد يا عورت کي ڏي ٿو جيڪا ڪنهن غير زبان ڳالهائڻ واري شخص سان مخاطب ٿيڻ چاهي. پاڪ روح حاڪم اعلى آهي جيڪو روحاني نعمتن کي ونڍي ٿو. (1.ڪرنٿيون 12باب 11آيت). صرف هي تصور ڪريو ته هي مبلغ ڪيترا فائده مند ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن ڪو ڪنهن زبان سيکارڻ واري سڪول نه ويا ۽ هي وڏي رواني سان ماڻهن کي انهن جي پنهنجي ٻولي ۾ ڳالهه ڪندا آهن.جيتوڻيڪ خدا ائين ڪرڻ نٿو چاهي. زبانون اهڙي طرح نه ڳالهايون وينديون آهن جيئن هي نئين عهدنامي ۾ ڳالهايون وينديون آهن انهيءَ جي باوجود درحقيقت هي هڪ تمام وڏي ڪامياب ۽ مفيد آهي. ايماندارن جي وڌيڪ اڪثريت جيڪي غير زبان جي نعمت کي استعمال ڪندا آهن ايئن ناهي ڪندا ته جيئن ڪلامِ مقدس ۾ مٿي بيان ڪيو ويو اهي. هي حقيقت اسان کي هن نتيجي تي پهچائي ٿي ته غير زبانن جي نعمت موقوف ٿي ويئي آهي، يا گهٽ ۾ گهٽ هي خدا جي منصوبي ۾ اڄ جي ڪليسيائن ۾ تمام گهٽ پايون وڃن ٿيون.

جيڪي ماڻهو هي سمجهندا آهن ته غير زبان جي نعمت هڪ ”دعائيه“ زبان آهي انهن کي پنهنجا اخلاقي اقدار بهتر بنائڻ جي لاءِ، هو پنهنجي انهيءَ تصور کي 1.ڪرنٿيون 14باب 4آيت ۽ 14باب 28آيت، ”جيڪو غير زبان ۾ ڳالهيون ڪندو آهي هو پنهنجي ترقي ڪندو آهي ۽ جو نبوت ڪندو آهي هو ڪليسيا جي ترقي ڪندو آهي.“ باب 14 ۾ پولوس رسول انهيءَ ڳالهه تي زور ڏي ٿو ته غير زبان جو ترجمو هئڻ ضروري آهي، ڏسو 14باب 5تا12آيت. پولوس رسول آيت 4 ۾ چوي ٿو ته، ”جيڪڏهن توهان غير زبان بغير ترجمي جي ڳالهايو ٿا ۽ گڏ ترجمو به ڪريو ٿعا ته سواءِ انهيءَ جي ته توهان پنهنجي پاڻ کي ٺيڪ ڪريو ٿا. پنهنجي پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ روحاني ظاهر ڪريو ٿا. جيڪڏهن توهان غير زبان ۾ ڳالهايو ٿا ۽ گڏ ترجمو به ڪريو ٿا ته سڀني جي لاءِ ڀلائي ڪريو ٿا.“ نئون عهدنامو ڪٿي به انهيءَ ڳالهه جي هدايت نٿو ڪري ته توهان دعا ۾ غير زبان استعمال ڪريو. نئون عهدنامو ڪٿي به غير زبان کي ”دعائيه زبان“ نٿو ٻڌائي يا خاص طور تي هي نٿو ٻڌائي ته غير زبان ”دعائيه زبان“ آهي. وڌيڪ هيءُ ته صرف پنهنجي ئي بهتري آهي، ڇا هي ناانصافي ناهي ته انهن سان جنن وٽ غير زبان جي نعمت نه آهي ۽ جيڪو پاڻ کي بهتر بڻائڻ جي قابل نه ٿيا؟ 1.ڪرنٿيون 12باب 29تا30 آيت واضح طور تي ٻڌائي ٿي ته هر هڪ کي غير زبان جي نعمت نه ملي.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

غير زبانن جي نعمت ڇا آهي؟ غير زبان جي نعمت اڄ جي دنيا جي لاءِ آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries