settings icon
share icon
سوال

چار روحاني قانون ڪهڙا آهن؟

جواب


چار روحاني قانون هڪ رستو آهن نجات جي خوشخبري کي ورهائڻ جو. جيڪا يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ سان حاصل ٿيئي ٿي. هي هڪ سادو طريقو آهي جيڪو هڪ اهم تعليم کي چار حصن ۾ ورهائي ٿو.

چار روحاني قانونن مان پهريون هيءُ آهي ته، ”خداوند توهان سان پيار ڪري ٿو، توهان جي زندگي لاءِ حيرت انگيز منصوبو رکي ٿو.“ يوحنا 3باب 16آيت ٻڌائي ٿي ته ”ڇاڪاڻ ته خداوند دنيا سان اهڙي محبت رکي آهي جو هن پنهنجو هڪڙو پٽ ان کي بخشي ڇڏيو ته جيئن جيڪو به اُن تي ايمان آڻي اُهو هلاڪ نه ٿيئي بلڪه هميشه جي زندگي حاصل ڪري.“ يوحنا 10باب 10آيت اسان کي ان جو سبب ٻڌائي ٿي جنهن جي لاءِ يسوع آيو. ”مان ان لاءِ آيس ته اُهي زندگي حاصل ڪن ۽ گهڻائي وٺن.“ ڇا ڪير اسان کي خدا سان محبت کان روڪي ٿو؟ ڇا ڪير اسان کي تابعدار جي زندگي گذارڻ کان روڪي رهيو آهي؟

چار روحاني قانونن مان ٻيو آهي، ”بني نوع انسان گناهه سان ميرو ٿي خدا کان جدا ٿي ويا. انهيءَ جو نتيجو هيءُ ٿيو جو اسان ڄاڻي نه سگهياسين ته خدا جو حيرت انگيز منصوبو اسان جي زندگين جي لاءِ ڇا آهي؟ روميون 6باب 23آيت اسان کي گناهن جي انجام جي باري ۾ ٻڌائي ٿي، ”گناهه جي مزدوري موت آهي.“ خدا اسان کي پنهنجي ويجهڙائي رکڻ جي لاءِ ٺاهيو.انهيءَ جي باوجود انسان دنيا ۾ گناهه کڻي آيو ۽ ان جي ڪري خدا کان جدا ٿي ويو. اسان هن سان پنهنجو تعلق برباد ڪيو انهيءَ جي باوجود ان اسان کي پنهنجي نظر هيٺ رکيو. انهيءَ جو حل ڇا آهي؟

چار روحاني قانونن مان ٽيون آهي، ”خدا وٽ اسان جي گناهن جو هڪڙو ئي حل آهي، يسوع مسيح“. يسوع مسيح جي ذريعي اسان پنهنجا گناهه معاف ڪرائي سگهون ٿا ۽ خدا سان هڪ بهتر تعلق بحال ڪري سگهون ٿا. روميون 5باب 8آيت اسان کي ٻڌائي ٿي، ”ليڪن خدا پنهنجي محبت جي خوبي اسان تي ائين ظاهر ڪري ٿو، جو جڏهن اسين گنهگهار هئاسين، تڏهن يسوع اسان لاءِ مئو.“ 1.ڪرنٿيون 15باب 3تا4آيت اسان کي ٻڌائي ٿي ته اسان کي ڇا ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ۽ انهيءَ تي يقين رکون ته نجات پائينداسين، . . ”ته مسيح ڪتابِ مقدس جي مطابق اسان جي گناهن لاءِ مئو. ۽ دفن ٿيو ۽ ٽئين ڏينهن ڪتابِ مقدس جي مطابق زندهه ٿيو. . “ يسوع يوحنا 14باب 6آيت ۾ اعلان ڪيو آهي ته آئون صرف نجات جو رستو آهيان، ”حق ۽ زندگي جي رستي ۾ آهيان ڪو به منهنجي وسيلي جي بغير پيءُ وٽ نٿو وڃي.“ آئون ڪهڙي طرح نجات جي ان حيرت انگيز تحفي کي حاصل ڪري سگهان ٿو؟

چار روحاني قانونن مان ڇوٿون آهي، ”اسان کي ضرور ايمان رکڻو آهي ته يسوع مسيح اسان جي نجات جو باعث آهي، اهڙي طرح نجات جو اِهو تحفو اسان کي ملي سگهي ٿو ۽ خدا جي حيرت انگيز منصوبي کي اسين پنهنجي زندگي ۾ ڄاڻي سگهون ٿا.“ يوحنا 1باب 12آيت اسان کي ٻڌائي ٿي، ”ليڪن جيترن ان کي قبول ڪيو، انهيءَ انهن کي خدا جو پٽ بڻجڻ جو حق ڏنو يعني اُهي جيڪي ان جي نالي تي ايمان آڻين ٿا.“ اعمال 16باب 31آيت واضح نموني اِهو ٻڌائي ٿي، ”انهن چيو خدا يسوع تي ايمان آڻ ته تون ۽ تنهنجو گهر نجات وٺندو.“ اسان صرف فضل ئي سان نجات وٺي سگهون ٿا، صرف ايمان جي ذريعي، جيڪو صرف ۽ صرف يسوع مسيح تي هجي. (افسيون 2باب 8تا9آيت)

اگر توهان يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ چاهيو ٿا ته هو توهان جي نجات جو باعث آهي ته هيٺ ڏنل دعا خدا کان گهرو. اِهو ياد رکو. انهيءَ دعا کي پڙهڻ يا ڪنهن ٻئي کي پڙهڻ سان توهان کي نجات نٿي ملي سگهي، صرف مسيح تي ايمان آڻڻ ئي توهان کي توهان جي گناهن کان نجات ڏئي سگهي ٿو. هي دعا خداوند سان اظهار جو هڪ سادو رستو آهي ته توهان جو ايمان اُن تي آهي ۽ توهان ان جو شڪريو ادا ڪريو ته ان توهان کي نجات بخشي. ”خداوند“، آئون ڄاڻان ٿو ته مون تنهنجي خلاف گناهه ڪيا ۽ آئون سزا جو مستحق آهيان. ليڪن آئون جنهن سزا جو مستحق هيس، اُها سزا يسوع مسيح پنهنجي مٿي کنئي. بس ان تي ايمان آڻڻ جي سبب مون معافي ورتي آهي. آئون پنهنجن گناهن کان ڪناره ڪشي اختيار ڪريان ٿو ۽ پنهنجي نجات جي لاءِ پنهنجو ايمان تو تي رکان ٿو. آئون تنهنجي حيرت انگيز فضل ۽ بخشش جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جيڪو ابدي زندگي جو تحفو آهي. آمين.“

اهو سڀ پڙهڻ کان پوءِ ڇا توهان مسيح لاءِ فيصلو ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ مهرباني ڪري هيٺ لکيل ”آءُ مسيح کي قبول ڪريان ٿو“ واري بٽڻ کي دٻايو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

چار روحاني قانون ڪهڙا آهن؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries