settings icon
share icon
سوال

ڇا ابدي حفاظت ڪلامِ مقدس جي مطابق آهي؟

جواب


جڏهن ماڻهو مسيح کي پنهنجو نجات ڏياريندڙ جي طور تي ڄاڻين ٿا، هو خدا سان گڏ هڪ رشتي ۾ اچي وڃن ٿا جيڪو انهن جي ابدي حفاظت جي ضمانت آهي. يهوداه 24آيت ۾ اعلان ڪري ٿو، ”هاڻ جيڪو توهان کي ٺوڪرون کائڻ کان بچائي سگهي ٿو ۽ پنهنجي پُرجلال حضور ۾ ڪمال خوشي سان بي عيب ڪري بيهاري سگهي و.“ خدا جي قوت ايماندار کي ٺوڪر کائڻ کان بچائي سگهي ٿي. هي ان جي سبب سان آهي، اسان جي سبب نه، اسان کي هن جي پُرجلال حضور ۾ آڻي ٿي. اسان جي ابدي حفاظت انهيءَ ڳالهه جي ثبوت آهي ته خدا اسان جي نگهباني ڪري ٿو، اسين پنهنجي نجات پاڻ برقرار رکي نٿا سگهون.

خداوند يسوع مسيح اعلان ڪيو، ”۽ مان انهن کي هميشه جي زندگي بخشيان ٿو ۽ هو ابد تائين ڪڏهن به هلاڪ نه ٿيندا ۽ ڪير انهن کي منهنجي هٿ مان ڦُري نه سگهندو. منهنجو پيءُ جنهن مون کي هو ڏنيون آهن. سڀني کان وڏو آهي ۽ ڪير انهن کي پيءُ جي هٿ مان ڦُري نٿو سگهي.“

افسيون 4باب 30 آيت اسان کي ٻڌائي ٿي ته ايماندارن ”تي مخلصي جي ڏينهن جي لاءِ مهر ٿي.“ جيڪڏهن ايماندارن وٽ ابدي حفاظت ناهي، ته مخلصي جي ڏينهن جي لاءِ مهر اصلي نٿي ٿي سگهي، ليڪن صرف گناهه ڪرڻ جي ڏينهن، خدا کان انڪار ڪرڻ جي ڏينهن، يا بي اعتقاد. يوحنا 3باب 15تا16آيت اسان کي ٻڌائي ٿي ته جيڪو به يسوع مسيح تي ايمان رکي ٿو ”ابدي زندگي رکي ٿو.“ جيڪڏهن ڪنهن شخص سان ابدي زندگي جو واعدو ڪيو ويو هو، ليڪن پوءِ واعدو واپس وٺي ورتو ويو، ته اِهو ڪڏهن به ”ابدي“ واعدو نه هو. جيڪڏهن ابدي حفاظت حقيقي نه آهي، ڪلامِ مقدس ۾ ابدي زندگي جو واعدو غلط هوندو.

سڀني کان زبردست دليل آهي ابدي زندگي جي لاءِ روميون 8باب 38تا39آيت ۾، ”ڇاڪاڻ ته مون کي يقين آهي ته خدا جي جيڪا محبت اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ آهي انهيءَ سان اسان کي نه موت جدا ڪري سگهي ٿي ۽ نه زندگي. نه فرشتا نه حڪومتون. نه حال جون ۽ نه مستقبل جون شيون. نه قدرتون نه بلنديون نه پستيون ۽ نه ئي ڪا ٻي مخلوق.“ اسان جي ابدي حفاظت جي بنياد خدا جي محبت آهي. هي انهن جي لاءِ جيڪي نجات پائي چڪا آهن. اسان جي ابدي حفاظت يسوع خريدي آهي. پيءُ واعدو ڪيو آهي ۽ پاڪ روح مهر ڪئي آهي.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڇا ابدي حفاظت ڪلامِ مقدس جي مطابق آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries