settings icon
share icon
سوال

هڪ دفعو نجات هميشه جي لاءِ نجات؟

جواب


هڪ دفعو ڪو به شخص جڏهن نجات پائي وٺندو آهي ته ڇا هو هميشه جي لاءِ نجات پائي وٺندو آهي؟ جڏهن ماڻهو مسيح کي پنهنجو نجات ڏياريندڙ جي طور تي ڄاڻي وٺن ٿا، ته هو خدا سان گڏ هڪ رشتي ۾ اچي وڃن ٿا جيڪو انهن جي ابدي نجات کي محفوظ ڪرڻ جي ضمانت ڏيندو آهي. ڪلامِ مقدس جا ڪيترائي حوالي انهيءَ حقيقت جو اعلان ڪن ٿا.

(الف) روميون 8باب 30 آيت اعلان ڪري ٿي، ”۽ جنن کي هن پهرئين مقرر ڪيو انهن کي سڏيو پڻ ۽ جن کي سڏيو انهن کي سچو به ٺهرايو ۽ جنن کي سچو ٺهرايو تن کي جلال پڻ بخشيو.“ هي آيت ٻڌائي ٿي ته جنهن لمحي خدا چونڊيندو آهي، هي ائين ئي آهي جيئن اسين آسمان ۾ هن جي موجودگي ۾ هن جي تمجيد ڪندا آهيون. هتي ڪجهه به ناهي جيڪو هڪ ايماندار کي باز رکي سگهي جلالي ٿيڻ کان ڇاڪاڻ ته خدا پهرئين ئي هن کي فردوس ۾ رکڻ جو ارادو رکي ٿو. هڪ دفعو جڏهن هڪ شخص سچو ٺهريو، ته اها انجي نجات جي ضمانت ڏيندي. و ائين ئي محفوظ آهي جيئن هو پهرئين فردوس ۾ جلالي هو.

(ب) پولس روميون 8باب 33تا34آيت ۾ ٻه فيصله ڪن سوال پڇي ٿو، ”خدا جي برگزيدن تي ڪير نالش ڪندو؟ خدا اُهو آهي جيڪو انهن کي سچو ٺهرائي ٿو. ڪير آهي جيڪو مجرم ٺهرائيندو؟ سميح يسوع اُهو جيڪو مري ويو بلڪه مُردن مان پڻ جي اُٿيو ۽ خدا جي ساڄي پاسي آهي ۽ اسان جي شفاعت به ڪندو آهي.“ خدا جي برگزيدن تي ڪير نالش ڪندو؟ ڪير به نه ڪندو ڇاڪاڻ ته مسيح اسان جو مشير آهي. ڪير اسان کي مجرم ٺهرائيندو؟ ڪير به نه، ڇاڪاڻ ته مسيح هڪ جيڪو اسان لاءِ مئو، جيڪو اسان جي مجرم بڻيو. اسين مشير ۽ منصف ٻئي رکيون ٿا جيئن اسان جو نجات ڏياريندڙ.

(ڀ) ايماندار ٻيهر پيدا ٿيندا آهن (وري پيدا ٿيڻ) جڏهن هو ايمان آڻيندا آهن (يوحنا 3باب 3آيت؛ ططس 3باب 5آيت). هڪ مسيحي جي لاءِ پنهنجي نجات وڃائي ڇڏڻ، ائين ئي آهي ته ٻيهر پيدا ئي نه ٿيو هوندو. ڪلامِ مقدس ۾ ڪا به اهڙي شهادت نٿي ملي ته نئين پيدائش وڃائي ڇڏي سگهجي هيجي.

(ت) پاڪ روح سڀني ايماندارن جي اندر رهندو آهي (يوحنا 14باب 17آيت؛ روميون 8باب 9آيت) ۽ مسيح جي جسم ۾ تمام ايماندارن کي بپتسمه ڏيندو آهي. (1.ڪرنٿيون 12باب 13آيت). ايماندار جي لاءِ غير نجات يافته ٿيڻ ائين ئي آهي جيئن هو ”ٻاهر ڪڍيا“ ويا هجن ۽ مسيح جي جسم کان الگ ڪيا ويا هجن.

(ٽ) يوحنا 3 باب 15 آيت بيان ڪري ٿي ته جيڪو به يسوع مسيح تي ايمان آڻي ٿو ”ابدي“ زندگي پائيندو.“ جيڪڏهن توهان اڄ مسيح تي ايمان آڻيو ٿا ۽ ابدي زندگي رکو ٿا، ليڪن سڀاڻي وڃائي ڇڏيو ٿا، پوءِ هي ڪڏهن به ابدي نه هئي. البت جيڪڏهن توهان پنهنجي نجات وڃائي ڇڏيو ٿا، ته ڪلامِ مقدس ۾ ابدي زندگي جو واعدو غلط هوندو.

(ث) سڀ کان وڌيڪ فيصله ڪن دليل منهنجي خيال ۾ ڪلامِ مقدس خود بهتر نموني بيان ڪري ٿو، ”ڇاڪاڻ ته مون کي يقين آهي ته خدا جي جيڪا محبت اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ آهي انهيءَ سان اسان کي نه موت جدا ڪري سگهي ٿي نه زندگي. نه فرشتا نه حڪومتون. نه حال جون نه مستقبل جون شيون. نه قدرتون نه بلنديون نه پستيون ۽ نه ئي ڪا ٻي مخلوق.“ (روميون 8باب 38تا39آيت). ياد رکو ته هڪ ئي خدا توهان کي نجات ڏني آهي ۽ هڪ ئي خدا توهان کي بچائيندو. هڪ دفعو اسين نجات پايون ٿا ته هميشه جي لاءِ نجات پائيندا آهيون. اسان جي نجات يقيناً ابدي طور تي محفوظ آهي.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

هڪ دفعو نجات هميشه جي لاءِ نجات؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries