پنهنجي موت ۽ جي اُٿڻ جي وچ وارن ٽن ڏينهن ۾ يسوع ڪٿي هو؟




سوال: پنهنجي موت ۽ جي اُٿڻ جي وچ وارن ٽن ڏينهن ۾ يسوع ڪٿي هو؟

جواب:
1.پطرس 3 باب 18تا19آيت بيان ڪري ٿي، ”انهيءَ لاءِ سوع پڻ يعني سچي ڪوڙن جي لاءِ گناهن جي باعث هڪ دفعو ڏک کنيو ته جيئن اسان کي خدا وٽ پهچائي. هو جسم جي اعتبار سان ته ماريو ويو ليڪن روح جي اعتبار سان زندهه آهي. انهيءَ ۾ هن وڃي ڪري ان قيدي روحن ۾ منادي ڪئي.

فقره ”روح جي اعتبار سان“ 18 آيت ۾ بناوٽ انهيءَ فقري جي مطابق جيئن، ”جسم جي اعتبار سان.“ انهيءَ لاءِ هڪ ئي وقت ۾ لفظ ”روح“ جو تعلق لفظ ”جسم“ سان ملائڻ نهايت مناسب آهي. جسم ۽ روح مسيح جو جسم ۽ روح آهن. لفظ ”روحاني اعتبار سان زندهه ڪرڻ“، انهيءَ حقيقت جي طرف توجه ڏياري و ته مسيح جنهن گناهن کي برداشت ڪيو ۽ موت هُن جي جسماني روح کي پيءُ کان جدا ڪري ڇڏيو (متي 27باب 46آيت). جسم ۽ روح جي درميان فرق آهي، جيئن متي 27باب 41آيت ۽ روميون 1باب 3تا4آيت، ۽ نه مسيح جي جسم ۽ پاڪ روح جي درميان. جڏهن مسيح کي گناهن جي لاءِ قرباني پوري ٿي وئي، هن جي روحاني شراڪت وري کان بحال ٿي وئي جيڪا ٽٽي چڪي هئي.

پهريون. پطرس 3باب 18تا22 آيت بيان ڪن ٿيون هڪ اهم تعلق کي جيڪو مسيح جي تڪليفن (آيت 18) ۽ هن جي جلال (آيت 22) جي وچ ۾ آهي. صرف پطرس ئي انهيءَ باري ۾ ٺيڪ معلومات ڏي ٿو ته انهن ٻنهي واقعن ۾ ڇا ٿيو هو. لفظ ”منادي“ آيت 19 ۾ ڪو عام لفظ ناهي جيڪو نئين عهدنامي ۾ انجيل جي خوشخبري جي لاءِ استعمال ٿيو آهي. هن جي لغوي معنى آهي پيغام ڏيڻ وارو. يسوع ڏک کنيو ۽ صليب تي جان ڏني، هن جي جسم کي قبر ۾ رکيو ويو، ۽ هن جي روح کي مرڻو هو جڏهن هن جو گناهه ڪرڻو هو. مگر هن جي روح زندهه ٿي ويئي ۽ هن کي پيءُ حوالي ڪري ڇڏيو. پطرس جي مطابق، ڪجهه وقت جي لاءِ پنهنجي موت ۽ جي اُٿڻ جي درميان يسوع هڪ اهم اعلان ڪيو ”قيدي روحن“ ۾ وڃي ڪري.

شروع ۾ پطرس ماڻهن کي حوالو ڏيندو هو ته ”جان“ ـ ”روح ناهي (1.پطرس 3باب 20آيت). نئين عهدنامي ۾ لفظ ”روحن“ جو استعمال فرشتن ۽ بڇڙي روحن کي بيان ڪري ٿو، بني نوع انسان کي نه؛ ۽ 22آيت انهيءَ جي ٺيڪ مطلب کي ظاهر ڪري ٿي. وڌيڪ ڪلامِ مقدس ۾ ڪٿي به نه ٻڌايو ويو آهي ته يسوع دوزخ ۾ ويو. اعمال 2 باب 31آيت چوي ٿي ته هو ”عالم ارواح“ ۾ ويو (نئين امريڪي معياري بائبل)، ليڪن ”عالم ارواح“ دوز ناهي. لفظ ”عالم ارواح“ مُردن جي عالم جو حوالو ڏيندو آهي، هڪ عارضي جڳهه جتي هو ٻيهر جي اُٿڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. مڪاشفه 20باب 11تا15آيت (نئين امريڪي معياري بائبل) يا نئين بين الاقوامي ايڊيشن ٻنهي جي درميان واضح فرق ٻڌائي ٿو. جهنم هميشه رهڻ واري ۽ آخري جڳهه آهي گمراهه ٿيل ماڻهن جي لاءِ. عالم ارواح هڪ عارضي جڳهه آهي.

اسانجي خداوند پنهنجي روح پيءُ سونپي ڇڏيل، مري ويو ۽ ڪجهه وقت موت ۽ وري جي اُٿڻ جي وچ ۾ موت جي وادي ۾ ويو جتي هن روحاني حالت ۾ پيغام ڏنو (يقيني طور پر گنهگار فرشتن کي؛ ڏسو يهوداه 6آيت) جيڪا ڪنهن نه ڪنهن طرح سان نوح جي زماني جي طوفان کان پهرئين سان تعلق رکندو هو. آيت 20 ٻڌائي ٿي. پطرس اان کي نٿو ٻڌائي ته هو انهن قيدي روحن جي باري ۾ ڇا اعلان ڪندو آهي، ليڪن هي ڇوٽڪاري جو پيغام نٿو ٿي سگهي جيستائين فرشتا نجات نٿا پائين (عبرانيون 2باب 16آيت). هي يقيني طور تي شيطان ۽ هن جي لشڪر تي فتح جو اعلان هو (1.پطرس 3باب 22آيت؛ ڪلسيون 2باب 15آيت). افسيون 4باب 8تا10آيت پڻ ظاهر ڪري ٿي ته مسيح ”فردوس“ ۾ ويو (لوقا 16باب 20آيت؛ 23باب 43آيت) ۽ انهن سڀني کي آسمان ۾ وٺي ويو جيڪي مرڻ کان پهرئين هن جي موت تي يقين رکندا هئا. هي حوالو انهيءَ واقعي کي تفصيل سان نٿو ٻڌائي ته ڇا ٿيو هو، ليڪن ڪلامِ مقدس جي اڪثر عالمن انهيءَ جي مطلب سان متفق آهن ته ”قيدين کي قيد مان ڇڏايو.“

پوءِ، سڀئي چون ٿا ته ڪلامِ مقدس مڪمل طور تي واضح نٿو ٻڌائي ته مسيح پنهنجي موت ۽ وري جي اُٿڻ جي وچ وارن ٽن ڏينهن ۾ ڇا ڪيو. هي ظاهر ڪري ٿو، جيتوڻيڪ هو ڪِريل فرشتن ۽ بي ايمانن تي فتح جي تبليغ ڪري رهيو هو. ڇا اسين هي يقين سان ڄاڻي سگهون ٿا ته يسوع ماڻهن جي نجات جي لاءِ ٻيو موقعو نه ڏيئي رهيو هو. ڪلامِ مقدس اسان کي ٻڌائي ٿو ته موت کان پوءِ عدالت جو سامهون ڪرڻو پوندو (عبرانيون 9باب 27آيت)، ٻيو موقعو نه آهي. هتي ڪو حقيقي ۽ واضح جواب نه آهي ته يسوع پنهنجي مرڻ ۽ جي اُٿڻ جي وچ واري ۾ عرصي ۾ ڇا ڪيو. شايد هي اُهو راز آهي جنهن کي اسين اُن وقت ڄاڻون جڏهن اسين هُن جي جلال ۾ اچي وڃون.



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس



پنهنجي موت ۽ جي اُٿڻ جي وچ وارن ٽن ڏينهن ۾ يسوع ڪٿي هو؟