settings icon
share icon
سوال

مسيحين جي لاءِ بپتسمه جي ڪهڙي اهميت آهي؟

جواب


مسيحي بپتسمه ڪلام مقدس جي مطابق هڪ ٻاهرين شاهدي آهي ته ايماندار جي اندر ڪهڙيون تبديليون ظاهر ٿيون آهن. مسيحي بپتسمه هڪ مثال آهي ته ڪيئن هڪ ايماندار مسيح سان گڏ مئو، دفن ٿيو ۽ جي اُٿيو ڪلام مقدس علان ڪري ٿو ته” ڇا توهان نٿا ڄاڻو اسين جيترن به مسيحي ۾ شامل ٿيڻ جو بپتسمه ورتو آهي ته ان جي موت ۾ شامل ٿيڻ جو بپتسمه ورتو؟ بس موت ۾ شامل ٿيڻ جو بپتسمه جي وسيلي سان اسان ان سان گڏ ٿياسين جيئن ته مسيحي پيءُ جي جلال جي وسيلي سان مُردن مان ساڙيو ويو اهري طرح اسين به نئين زندگي ۾ هلون ”(روميون 6 باب 3 تا 4 آيت)“ مسيحي بپتسمه ۾ پاڻي ۾ غوطو هڻڻ جو عمل ظاهر ڪري ٿو ته اسين به يسوح مسيحي سان گڏ دفن ٿيا آهيون. پاڻي کان ٻاهر نڪڙڻ جو عمل هن ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو ته اسين مسيحي سان گڏ جي اٿيا آهيون

مسيحي بپتسمه ۾ ٻه شيون بپتسمه وٺڻ واري کي پوري ڪرڻيون پونديون آهن (1)پبتسمه وٺڻ وارو شخص مسيحي کي پنهنجو نجات ڏيڻ وارو مڃندو هجي ۽(2)بپتسمه وٺڻ وارو شخص سٺي طرح ڄاڻيندو هجي ته بپتسمه ڪهڙي شيءَ جو نشان آهي.

جيڪڏهن ڪير شخص ڄاڻي ٿو ته يسوح مسيحي هي نجات ڏيڻ وارو آهي، سمجهي ٿو ته مسيحي بپتسمه هڪ قدم آهي هن ڳالهه جو ته هو تمام ماڻهن جي سامهون يسوح مسيحي تي ايمان جو اظهار ڪري ٿو، ۽ چاهي ٿو ته هن کي بپتسمه ڏنو وڃي، تڏهن ڪا به وجهه ڪونهي ته هن ايماندار کي بپتسمه نه ڏنو وڃي. ڪلام مقدس جي مطابق مسيحي بپتسمه صرف تابعداري جي طرف هڪ قدم آهي. ماڻهن جي سامهون هن ڳالهه جو اظهار ته آئون يسوح مسيحي تي ايمان رکان ٿو اها ئي نجات آهي. مسيحي بپتسمه ضروري آهي ڇو ته هي تابعداري جي طرف هڪ قدم آهي ۽ ماڻهن جي سامهون يسوح مسيحي تي ايمان جو اظهار ۽ ان سان واعدو، ۽ يسوح مسيحي جي موت، دفنايو وڃڻ، ۽ جي اٿڻ جو نشان آهي.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

مسيحين جي لاءِ بپتسمه جي ڪهڙي اهميت آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries